ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا چيئرمين پاران ٽي وي چينلن جا لائسنس معطل ڪرڻ جي اختيار کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت 20 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ته ٽي وي لائسنس معطل ڪرڻ جا اختيار پيمرا آرڊيننس جي سيڪشن 30 ۾ ڏنا ويا آهن، اهي چيئرمين يا ڪنهن آفيسر کي منتقل نه ٿا ڪري سگهجن، پيمرا چيئرمين يا ڪنهن آفيسر کي لائسنس معطل ڪرڻ جا اختيار ڏئي نٿا سگهجن. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته 24 اپريل 2020ع تي لائسنس جي معطلي جا اختيار ڏيڻ جي ڪارروائي بابت پيمرا اجلاس جي ڪارروائي به غيرقانوني هئي، اختيار ملڻ بعد چيئرمين پيمرا طرفان چينلز جي لائسنس جي معطلي جا جيڪي حڪم ڏنا ويا، اهي به ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، عدالت پيمرا پاران ڪيس جي ٻڌڻي بابت واريل اعتراض به رد ڪندي چيو ته اهي وفاقي ادارا، جن جون آفيسون صرف اسلام آباد ۾ آهن، انهن جي حڪمن جو اثر پوري ملڪ تي ٿيندو، انهن ادارن جا حڪم به ملڪ جي ڪنهن به ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري سگهجن ٿا. واضح رهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئشن پيمرا چيئرمين جي اختيارين کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته پيمرا آرڊيننس ۾ ترميم غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي.