صحافي ارشد شريف ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

0
298
صحافي ارشد شريف ڪيس
صحافي ارشد شريف ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

مقتول صحافي ارشد شريف جي والده پٽ جي قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ارشد شريف جي والده سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين، فيصل واوڊا، مراد سعيد، سلمان اقبال ۽ يو ٽيوبر عمران رياض کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف جي قتل بابت انهن سمورن ماڻهن کان شاهديون حاصل ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيترن ئي ماڻهن قتل جي سازش بابت ڄاڻ هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

 ارشد شريف جي والده جو چوڻ آهي ته کيس فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي ۽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ به نه ڏني وئي آهي