صحافي اجي لالواڻي قتل معاملو: جي آءِ ٽي قائم

0
340

ڪراچي: سکر ۾ شهيد صحافي اجي لالواڻي جي قتل جي جاچ لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ھدايتن تي جي آء ٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڊي آء جي ذوالفقار لاڙڪ جي سربراهي ھيٺ قائم جي آء ٽي ۾ 5 آفيسر شامل آهن. اجي لالواڻي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ قائم جي آء ٽي ۾ حساس ادارن، آء بي، رينجرز ۽ اسپيشل برانچ جا آفيسر شامل ھوندا. جي آء ٽي اجي لالواڻي جي قتل ڪيس جي پيش ڪيل عبوري چالان تي غور ڪندي، جي آء ٽي زخمي اجي لالواڻي جي سول اسپتال سکر اندر پر اسرار دم ڏيڻ واري معاملي جي به جاچ ڪندي. جي آء ٽي معاملي جي جاچ ڪري 30ڏينھن اندر رپورٽ پيش ڪندي. اجي لالواڻي جي قتل جي حوالي سان سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي جي آئي ٽي جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.