صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان چئنل واهه مان نوجوان جو لاش هٿ، صالح پٽ ڀرسان آرڊي 104 چئنل واهه مان 20 سالن  جي پينو فقير عمراڻي شيخ جو هڪ ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو، فوتي نوجوان جي ڀاءُ حفيظ شيخ ٻڌايو ته ڀاءُ عمراڻي شيخ کي مرگهي جي بيماري هوندي هئي جيڪو هڪ ڏينهن اڳ گم هو اسان ان جي ڳولا ڪري رهيا هئاسين ته هڪ ڏينهن بعد آر ڊي 104 چئنل واهه مان سندس لاش مليو آهي اسان اصل نوابشاهه جا رهواسي آهيون صالح پٽ ۾ سير سفر  ڪري گذارو ڪندا آهيون.