اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿھيم)  اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حسو ڊهو ۾ پکين جو شڪاري فداحسين سولنگي تلاءَ تي ويٺل پرديسي پکين جو شڪار ڪري رهيو هو ته پکين کي مارڻ لاءِ بندوق جو  فائر ڪيو ته ٻوڙي واسي مال چاريندڙ ڌنار 12 سالن جي ظفر علي سولنگي کي وڃي گولي لڳي جنهن سبب نينگر موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته اهڙو اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو. نينگر جو لاش ھڪ ڪلاڪ تائين اسپتال اندر پيل رھيو ۽ نينگر جا وارث بي وسي منجهان اسپتال ۾ ڊاڪٽر جو انتظار ڪندا رھيا ته جيئن ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ڪري ته اسين پنهنجي معصوم پٽ کي ڳوٺ کڻائي وڃون ۽ ڊاڪٽر پنهنجي موبائيل فون کان فارغ ٿي نينگر جو ڪلاڪ بعد پوسٽ مارٽم ڪري مڙهه وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن اسپتال ۾ نينگر جي چاچي ٻنو سولنگي ٻڌايو ته نينگر جو پيءُ ڪراچي ۾ مزدوري تي ويل آهي نينگر مال چاري رهيو هو ته اسان جي برادري سان واسطو رکندڙ فدا حسين سولنگي، مشتاق احمد سولنگي، خدا بخش سولنگي وارا شڪار ڪري رهيا هئا جنهن اسان جي نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي اعليٰ آفيسرن کي اپيل آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او اوٻاوڙو چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون وارثن کي انصاف ملندو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا ھڻي رھي آهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.