شھدادپور: نوجوان ناري ٿاڻي پهچي وئي، وارثن تي طلاق وٺرائي ٻئي هنڌ پرڻائڻ جو الزام

0
178
شھدادپور: نوجوان ناري

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ڳوٺ گِدڙ آهپن ۾ مائٽن وٽ مبيا باندي بڻايل نوجوان ناري نسيمان بروهي تحفظ لاءِ پاڻمرادو ٿاڻي تي پهچي وئي، جنهن طرفان وارثن تي زبرستي طلاق وٺرائي ٻئي هنڌ پرڻائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي

ناري نسيمان بروهي جو چوڻ آهي ته ڳوٺ مصري بروهي واسي نوجوان وزير بروهي سان شادي ٿيل آهي، مائٽن زبرستي پاڻ وٽ قيد ڪري مڙس کان طلاق وٺرائي پوڙھي شخص سان پرڻائڻ چاهيو، وجهه وٺي گهران نڪري ٿاڻي تي پهتي آهيان، مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي

پوليس پاران ٿاڻي تي پهتل ناري 164 جي بيان لاءِ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

نسيمان بروهي عدالت ۾ بيان ڏنو ته مڙس وزير بروهي سان شادي ٿيل آهي، مائٽن پاڻ وٽ زبردستي  قيد ڪيو، مڙس وزير سان رهڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن بعد عدالت کيس مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني