جيڪب آباد(رپورٽر)جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ممتاز جکراڻي ۾  گهريلو پريشانين سبب 45 ورهين جي سرتاج علي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڳپي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن ابتدائي علاج ڪيو آپگهات ڪندڙ جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اهڙي واقعي جو اطلاع ناهي ڪيو ويو وڌيڪ جاچ ڪيون پيا