شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي عدالت پاران قتل ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاسي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا، شڪارپور جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار مھتاب علي شاھ کي ڦاسي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي، سزا ٻڌائڻ بعد جوابدار کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آھي، جوابدار 13 سال اڳ چڪ ۾ ڊاڪٽر پنجو رام کي ڪلينڪ تي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو، قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ٻيو جوابدار غضنفر شاھ مقتول ڊاڪٽر جي وارثن سان راضي نامو ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو ھو، چڪ ٿاڻي تي مقتول ڊاڪٽر پنجو رام جي ڀاء روپ چند پاران ڪيس فرياد داخل ڪرائي وئي ھئي.