شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ پوليس بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام، شھر ۾ چورين ڦرن ۽ وڌندڙ بدامني تي شھرين پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مستوئي محلا ۾ شاميانا لڳائي 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ٽريفڪ کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي شھرين غلام شبير لانگاهه. ڪامريڊ بچل باغي، امير جان عمراڻي، سڪندر علي سومرو، رميز راجا مگسي، ذوالفقار علي مگسي، شھمير لانگاهه سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ھٿياربندن پاران ھٿيارن جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو مستوئي محلا ۾ غلام شبير لانگاهه جي ايزي پئسا جي دڪان تان سري عام 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ 3 موبائل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. ھنن چيو ته چور ۽ ڦورو سري عام ڏينهن ڏٺي جو ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪلون ڦر پيا ڪن ۽ گن پوائنٽ تي دڪاندارن کان سري عام لکين رپيا ڦر ڪري وڃڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. شھرين پوليس مٿان الزام لڳائيندي چيو آهي ته پوليس ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري ڏوھاري جو ٽولو شھر ۾ سرگرم ٿي ڪري ھٿيارن جي زور تي شھرين کان لکين رپيا سري عام ڦر ڪري وڃن ٿا پوليس رڳو خانا پوري ڪرڻ ۾ پوري آهي. شھرين آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ کان مطالبو ڪيو ته بنا دير غلام شبير لانگاهه جي ايزي پئسا جي دڪان تان ڦر ڪيل 5 لک رپيا واپس ڪرائي ڦر ۾ ملوث سڀني ڦورن کي گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي ڪري شھر ۾ امن امان قائم ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .