سوال/سروي پيٽرول خطي ۾ سڀ کان سستو، ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو فواد چوڌري سڀ کان وڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي، ايوارڊ ملڻ گهرجي، پيٽرول جو اگهه گهٽايو وڃي: عوام

0
547

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڄي خطي کان سستو پيٽرول پاڪستان ۾ آهي، ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهن جي آمدني وڌي آهي،ڏهاڙي واري مزدور جي اجرت ٽيڻ تي وڌي آهي: وفاقي وزير فواد چوڌري جي ان دعويٰ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي وزير اسلام آباد ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ذريعي ٻڌائي رهيو آهي ته ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي، ڏهاڙي وارن ماڻھن جي اجرت ٽيڻ تي وڌي آهي، اهو ڪوڙ آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي، اهو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوڙ فواد چوڌري هنيو آهي ان جو نالو گنيز بڪ ۾ رکيو وڃي ۽  ايوارڊ لاءِ کيس نامزد ڪيو وڃي.وفاقي وزير ڪوڙو ٿو ڳالهائي، هن کي شرم اچڻ گهرجي، ھي حڪومت ڪوڙن تي قائم آهي، غريب ماڻهو بصر ماني لاءِ به پريشان آهي، غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، مٿان وري حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائي وڌيڪ پريشان ڪري رهي آهي حڪومت کي گهرجي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ آڻي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته  هر حڪومت ۾ هي ڪرائي جو ترجمان هوندو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته ڪير ٿوچوي ته پاڪستان ۾ پيٽرول سستو آهي هڪ سو چوويهه رپيا لٽر  آهي ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته هاڻي سواري لاءِ گاڏيون ڇڏيون ماڻهو بصر ماني جي لاءِ به پريشان آهي، منصور علي سومرو فواد چوڌري جي بيان جي مذمت ڪئي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته فواد چوڌري جو اهو رڳو بيان آهي عوام کي ھن حڪومت مان اميدون ھيون پر ماضي جي حڪومتن جيان ھن حڪومت صرف عوام کي مسئلن ۾ مبتلا ڪيو آهي غريب پورھيتن جي اجرت ۾ ڪابه واڌ ناھي ٿي، پيٽرول به مهانگو آهي، سيد احمد شاهه لکيو ته وفاقي وزير ڪوڙ ٿو ڳالهائي، وفاقي حڪومت عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ايترو مهانگو پيٽرول ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ناهي، نياز سومرو لکيو ته ھي حڪومت ڪوڙن تي قائم آهي، فواد چوڌري ٻڌائي ته خطي جي ملڪن ۾ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو ريٽ ڇا آهي؟ موهن لال لکيو ته وفاقي وزير اسلام آباد ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ذريعي ٻڌائي رهيو آهي ته ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي، ڏهاڙي وارن ماڻھن جي اجرت ٽيڻ تي وڌي آهي، اهو ڪوڙ آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي، ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته صرف پيٽرول نه پر هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، آخرڪار عوام ڪيڏانهن وڃي؟ عاشق حسين لکيو ته وفاقي وزير پنھنجي 3سالن جي نااھلي کي لڪائڻ لاءِ غربت گھٽڻ جي ڳالھه ڪري ٿو سراسر غلط آھي، خاموش خليل شر لکيو ته سنڌ جي غريب مزدور طبقو هڪ ويلي لاءِ پريشان آهي، گيهه 350 ڪلو،کنڊ 120رپيا، اٽو 60 رپيا في ڪلو  ٿي ويو آهي غريب ععوام ڪيڏانهن وڃي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ ڪري ڀاڙا به وڌي ويا آهن، محمد خالد ميمڻ لکيو ته وفاقي وزير ڪوڙو ٿو ڳالهائي، هن کي شرم اچڻ گهرجي، جاويد هڪڙو لکيو ته اسان جي شين کي آمريڪي ڊالرن ۾ ڀيٽ ڪريو، اعجاز لاشاري به وفاقي وزير جو بيان رد ڪيو، سمير احمد لکيو ته پاڪستان ۾پيٽرول جي قيمت تمام گهڻو آهي وفاقي حڪومت کي گهرجي ته فوري پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪيون وڃن. ساگر علي رضا لکيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول 124 کان به وڌيڪ وڪرو ڪيو وڃي ٿو، ڏهاڙيدار مزدور کي اڄ به 500 سئو کان وڌيڪ اجرت نٿي ملي. الطاف کوڙ لکيو ته شرم به ڪا شيءِ ھوندي آھي اي سي ۾ رھڻ وارن کي ڪھڙي خبر ته غريب ماڻھو پيٽ گذر ڪئين ڪندا آھن، شنڪر باغي لکيو ته حڪمران بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آھن اهي گهر ڀيڙا ٿي وري عوام وٽ ويندا تڏهن سڀ خبر پئجي ويندي، شفقت ابڙو لکيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمت وڌائي عوام سان ناانصافي ڪئي آھي ۽نه رڳو پيٽرول ڊيزل مھانگي ڪئي اٿن کنڊ گيھه سميت ھر کاڌي پتي جي شين تي مھانگائي ڪئي اٿن غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃي؟ احمد رند لکيو ته ايتري مهانگائي ۾ وزيراعظم کي هڪڙي زبردست تقرير ڪرڻ کپي عوام کان مهانگائي جي ڳالهه وسري ويندي، ظفر رند لکيو ته اهو سستو آھي ته مهانگو ڇا ريٽ هوندو. هن حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، طارق باجڪاڻي لکيو ته سنڌ ۾ مزدور کي ڏهاڙي 400 تائين ملي ٿي مهانگائي ڪري غريب ماڻهو فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته اها دعويٰ ڪوڙي آهي ماڻھو بُک ٿا مرن پيا ، مهانگائي ماڻھن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آدم پتافي لکيو ته ڏھاڙي واري مزدور طبقي کان جيئڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نماڻو نوناري لکيو ته ڪوڙو ٿو ڳالهائي، پرتاب راءِ سيبرا لکيو ته فواد چوڌري صاحب ! اوهان صرف هڪ ڏينهن ڪنهن فيڪٽري ۾ ڪم ڪري پنهنجي گهر وارن کي ماني کارائي ڏيکاريو، اظهر علي لکيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول مھانگو آھي ۽ ڏينھون ڏينھن ھر شيءِ مهانگي ٿيندي پئي وڃي، احسان علي مستوئي لکيو ته اهو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوڙ فواد چوڌري هنيو آهي ان جو نالو گنيز بڪ ۾ رکيو وڃي ۽  ايوارڊ لاءِ کيس نامزد ڪيو وڃي. محمد جمن ساند لکيو ته ٿورو شرم ڪن، بجار جعفري لکيو ته نااھل حڪومت ھڪ ڀيرو ٻيھر عوام مٿان مھانگائي جو نئون ڊرون اٽيڪ ڪري پيٽرول اگھن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، فواد چوڌري صرف ڊائيلاگ ھڻي رھيو آھي، جميل سومرو لکيو ته ملڪ ۾ جيتري مھنگائي آهي اوتري مزدور جي مزدوري نه آھي، زاهد باجڪاڻي لکيو ته مهانگائي ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن. مزدور جي اجرت 30 هزار هجڻ گهرجي، بشير ميراڻي لکيو ته شرم وڏي شئي آهي پر ڪنهن کي هجي، مقصود احمد به وفاقي وزير جو بيان رد ڪيو، شبير سهتو لکيو ته حڪومت پيٽرول وڌائي وڏو ظلم ڪيو آھي، حبيب مرکنڊ لکيو ته نااهل حڪمران هميشه پنهنجي لاءِ ڪوڙ کي پيشو بڻائيندا آهن، رزاق ڍاٽي لکيو ته مھانگائي جي حساب سان مزدورن جي اجرت وڌڻ کپي. باقي عوام اڳ ئي پريشان آهي پئٽرول بم ڪرائي ويتر عوام کي پريشان نه ڪيو ويو، مسرور شر لکيو ته مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو پريشان آهي، سينگار علي لکيو ته وفاقي وزير پنھنجي 3سالن جي نااھلي کي لڪائڻ لاءِ غربت گھٽجڻ جي ڳالھه ڪري ٿو  اهڙي ڳالهه سراسر غلط آھي  عاشق علي لکيو ته ٿورو شرم ڪرڻ گهرجي انهن کي، شبير شر لکيو ته نيازي حڪومت عوام دشمن آھي انھي ۾ رڳو فيصلا سرمائيدارن جي بھتري لاءِ آھن. باقي عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي چون ٿا اسان وٽ پيٽرول سستو آهي  ٻين ملڪن ۾ مھانگو آھي. غلام حسين ڀٽي لکيو ته ٺڳيءَ جا ٺاھه هن،  ڪهڙي ٿا ڪوڏر ھڻن ۽ تگاري ٿا کڻن ھي عوام جي پئسي تي ھنبشون پيا ھڻن، مري ته مزدور ۽ غريب طبقو ويو آھي، ھي ايسين ۾ ويهي اهڙيون ڳالهيون پيا ڪن، وحيد مستوئي لکيو ته اسان جي ملڪ ۾ غريب طبقو گھڻو سنڌ ۾ آھي ظلم به اتي آھي. اسلم سومرو لکيو ته انهي کي مذاق چئي سگهجي ٿو، جاويد زرداري لکيو ته عوام سان ظلم ڪيو اٿن، علي باقر لکيو ته فواد چوڌري سٺو ماڻهو ناهي.