لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي، اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر جي بابر اعظم بابت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.ڪجهه هفتا اڳ پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر، بابر اعظم بابت هڪ بيان ۾ چيو هو ته بابر اعظم کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو برانڊ هئڻ گهرجي ها، پر ائين ڪرڻ ۾ هو ناڪام رهيو آهي، ڇو جو کيس ڳالهائڻ نٿو اچي، اڃا تائين رڳو مان، شاهد آفريدي ۽ وسيم اڪرم ئي اشتهارن ۾ اچي رهيا آهيون؟ .شعيب اختر جي اهڙي بيان کانپوءِ شاهد آفريدي سميت ڪيئي ڪرڪيٽرن ان کي غلط قرار ڏنو هو جنهن ۾ ڪامران اڪمل به شامل هو. پر هاڻي هڪ انٽرويو دوران شاهين آفريدي کان ميزبان سوال ڪيو ته شعيب اختر جي ڪهڙي خوبي سڀ کان وڌيڪ سٺي لڳندي آهي؟  جنهن شاهين مخصوص انداز ۾ مرڪندي جواب ڏنو ته ” برانڊ ٺاهڻ ڄاڻي ٿو“. شاهين جي اِها ويڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي واهپيدار ميمز به ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.