ڪراچي (اسپورٽس نيوز): قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ پنجاب جي نگران راندين واري وزير وهاب رياض جي گهر پٽ جي پيدائش ٿي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ذريعي وهاب رياض چيو ته سندس گهر پٽ جي پيدائش ٿي آهي، گڏوگڏ ڪرڪيٽ هڪ جذباتي پيغام پڻ شيئر ڪيو ۽ چيو ته پٽ جو نالو سندس مرحوم والد جي ياد ۾ ” سڪندر رکيو ويو آهي. وهاب رياض پنهنجي پيءُ جي تصوير شيئر ڪندي الله جو شڪريو ادا ڪيو ۽ لکيو ته هڪ ڀيرو وري  سڪندر پنهنجي زندگي ۾ واپس موٽي آيو آهي، سڪندر سدائين منهنجي زندگي جو حصو هو ۽ رهندو، بابا مان اوهان ڏاڍو ياد ڪري رهيو آهيان،

واضح رهي ته وهاب رياض جي گهر ٽئين ٻارجي پيدائش ٿي آهي، ان کان اڳ ٻه نياڻيون ايشال ۽ حورين آهن جنهن جون تصويرون هو انسٽاگرام تي شيئر ڪندو رهندو آهي.