شرميلا فاروقي ۽ اقرا عزيز ٽوئيٽر تي آمهون سامهون

0
460

ڪراچي(شوبز نيوز) شرميلا فاروقي چيو آهي ته پيءُ جو ٻارن جا ڪپڙا مٽائڻ ۽ انهن جو خيال ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اداڪارا اقرا عزيز طرفان پنهنجي مڙس ياسر حسين کي پُٽ جا ڪپڙا مٽائيندي شيئر ڪيل تصوير تي ڪيل تبصري ۾ ڪيو.

شرميلا فاروقي اقرا عزيز جي لاءِ لکيو ته مان ڏاڍي خوش آهيان ته توهان جو مڙس توهان جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو آهي، پر ان ۾ فخر ڪرڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي ۽ نه ئي اهو ڪو اسپيشل ڪم آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته پيءُ جو پنهنجي ٻارن لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. پنهنجي ذاتي زندگي بابت شرميلا فاروقي چيو ته هوءَ جڏهن به بيمار ٿيندي آهي يا پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوندي آهي ته ان جو مڙس ٻارن جا ڪپڙا مٽائيندو آهي انهن کي اسڪول به وٺي ويندو آهي ۽ کيس اهڙا ڪم ڪرڻ وڻندا به آهن.

ان کانپوءِ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هڪ مرد پنهنجي ٻارن جا ڪپڙا يا ڊائپرز مٽائي ته اهو خاص ڇو بڻجي ويندو آهي؟ والدين جون ذميواريون ورهائڻ جي ضرورت آهي.