ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري اداڪاره شبيران چنا جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، کيس مستقل وينٽيليٽر تي رکڻ يا وينٽيليٽر تان ھٽائڻ جو فيصلو ڪرڻ لاءَ اسپتال انتظاميا  اڄ سندس گھرڀاتين کي گھرائي ورتو، ان ڏس ۾ اسپتال انتظاميا جو چوڻ آھي ته شبيران چنا کي ڦڦڙن ۽گردن سميت مختلف قسمن جا مسئلا آھن، اسپتال ۾ شبيران چنا جي ٽريڪيو اسٽرومي ٿي وئي، سندس 8 ڀيرا ھيمو ڊائلاسز ٿي چڪو آھي، شبيران چنا اڃا وينٽيليٽر تي آھي، کيس وڌي ڪجهه عرصو وينٽي ليٽر تي رکڻ يا وينٽي ليٽر ھٽائڻ بابت فيصلو اڄ ٿيندو، شبيران چنا جي  علاج لاء نيفرولاجسٽ ـ اي اين ٽي سرجن ۽ ٻين ماھر ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم جوڙيل آھي  ٽريڪيواسٽرومي بعد سندس طبيعت ۾ ڪا خاص بھتري اچي ناهي سگھي، اسپتال انتظاميا شبيران چنا جي فيملي کي مشاورت لاءِ اڄ گھرائي ورتو ـ