ڪراچي(م ڊ) ٽائيم نيوز جي اسپيشل ايڊيشن ۾ ماحولياتي تبديلي جي تباهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ مختلف تجويزن ۽ تيارين تي دانشورن ۽ ماهرن ڳالھ ٻولهه ڪئي. صوبائي وزير اسماعيل راهو اينڪر پرسن مهتاب علي نور جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته گڏيل قومن جي سهڪار سان سنڌو درياهه جي ماحولياتي بحالي جي منصوبي تي ڪم ڪريون پيا ڇو جو ملڪ جي 80 سيڪڙو زراعت جو دارومدار سنڌو درياهه تي آهي. اسماعيل راهو ٻڌايو ته پراونشل ڪلائميٽ پاليسي ٺاهي ڏئي چڪا آهيون ۽ انڊس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت ڪم ڪريون پيا.  موسميات جي ماهر سنڌ جي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته هن دفعي چوماسي جون برساتون گهٽ پوڻ جو امڪان آهي پر پوءِ به مسئلو تمام سيريئس آهي ۽ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي جنهن کانپوءِ گليشيئر پگهرجندا ۽ دريائي وهڪرن ۾ واڌ اچي سگهي ٿي. ماحولياتي گدلاڻ کي نه روڪيو ته 3 کان 4 ڊگري گرمي پد وڌي سگهي ٿو ۽ ايندڙ 30 کان 40 سالن ۾ ڌرتي رهڻ لائق نه بچندي.  نامياري دانشور نصير ميمڻ تجويز ڏني ته حڪومت کي تباهي اچڻ جو انتظار ڪرڻ بدران اڳواٽ ئي تياري ڪرڻ کپي. اسان وٽ الميو اهو آهي ته تباهي ايندي آهي ماڻهو مرندا آهن حڪومت پوءِ سوچيندي آهي ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. پروفيسر انعام ڀٽي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٻيلن جي غير قانوني ڪٽائي جو ماحوليات تي تمام خراب اثر پيو آهي. پلو مڇي ۽ انڌي ٻلهڻ جو نسل خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڊاڪٽر ايوب شيخ تجويز ڏني ته جيستائين سنڌ ۽ پاڪستان جون سماجي توڙي جسماني بيماريون نصاب ۾ شامل نه ڪبيون تيستائين ماحول تباھ ٿي ويندو، سنڌ ٻڏي ويندي ۽ پاڪستان به ٻڏي ويندو.