سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ کي عارضي طور والدين حوالي ڪري ڇڏيو

0
415

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پسند جي شادي ڪندڙ شاگردياڻي وارثن سان گڏ رهڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇوڪري جي مبينا اغوا ڪيس ۾ ڇوڪري کي عارضي طور تي والدين حوالي ڪري ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران مبينه اغوا ڄاڻايل شاگردياڻيمڙس بدران والدين سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگردياڻي  کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Stop humiliating me': Dua Zahra urges parents not to get her involved in more court cases

 سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران شاگردياڻين جي والدين کي 10 لک رپين  جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، مبينه اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي مڙس بدران والدين سان  گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو

ٻڌڻي دوران جسٽس اقبال ڪلهوڙي ڇوڪري کي گهرائي پڇيو ته پٽ اوهان جو نالو ڇا آهي، جنهن تي ڇوڪري ٻڌايو ته منهنجو نالو دعا زهريٰ آهي، مان ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هيس، عدالت ۾ منهنجو والد ۽ ڀيڻ موجود آهن، مان والدين سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي

ظهير جي وڪيل ٻڌايو ته ٻارڙي کي ٻاهر وڃڻ کان روڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته هر ڪوئي والدين جي گهر وڃڻ چاهي ٿو، ڪير به پنهنجي والدين جو گهر نٿو ڇڏڻ چاهي، عدالتون سڀني جي لاءِ کليل آهن، ڇوڪري ننڍي آهي، والدين ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي، شيلٽر هوم نٿي وڃڻ چاهي

شاگردياڻي عدالت ۾ بيان ڏنو ته والده ۽ والد سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، ڪجهه مهينا اڳ شاگردياڻي، ظهير سان پسند جي شادي ڪئي هئي ۽ پنجاب هلي وئي هئي، جنهن کي هٿ ڪري مڙس سميت ڪراچي آندو ويو، عدالت پاران مڙس سان گڏ رهڻ جي حڪم بعد وري هوءَ پنجاب هلي وئي هئي، مختلف خبرون ۽ ڪيس ٻيهر شروع ٿيڻ بعد شاگردياڻي ۽ سندس مڙس ظهير کي هتي آندو ويو

نياڻي حوالي ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران دعا زهريٰ جي والد مهدي ڪاظمي جو چوڻ هو ته نياڻي اسان جي حوالي ٿي وئي آهي، اسان اڄ تمام گهڻا خوش آهيون،  جن به اسان جو ساٿ ڏنو سڀني جو شڪريو ادا ڪيون ٿا

هي به پڙهندا

دعا زهريٰ ڪيس:عدالت ظهير جي سي ڊي آر رپورٽ طلب ڪري ورتي