سڪرنڊ: ڪمند جو ڳنو کڻڻ تان مبينا تشدد جو نشانو بڻيل ٻار دم ڏئي ڇڏيو، ڌرڻو

0
647
سڪرنڊ: ڪمند جو ڳنو کڻڻ تان

سڪرنڊ (رپورٽر) سڪرنڊ ۾ ڪمند جو ڳنو کڻڻ تان واڙي  مالڪ جي مبينا تشدد جو نشانو  بڻيل ٻارڙَي دم ڏئي ڇڏيو آهي، لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي فوتي ٻار جي وارثن جو چوڻ هو ته 2ڏينهن اڳ ٻارڙَي امتياز رند ڪمند جو  ڳنو کنيو جنهن تان محمد علي انڙ کيس  بدترين تشدد جو نشانو بڻايو

ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪرايو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو آهي، ظلم ڪيو ويو آهي، معصوم تي صرف ڳنو کڻڻ تان ايترو تشدد ڪيو ويو هو جو هو فوت ٿي ويو آهي، محمد علي انڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هي به پڙهندا

سجاول لڳ نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر