شاگردن پاران سمورين يونيورسٽين جي فنڊن جي جاچ جو مطالبو

0
201
شاگردن پاران سمورين يونيورسٽين جي فنڊن جي جاچ جو مطالبو

  شاگردن پاران سمورين يونيورسٽين جي فنڊن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا تي انويسٽيگيٽ آل يونيورسٽيز هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جو ڪالهه ٻئي ڏينهن به ٽاپ ٽرينڊ رهيو، ن ٽرينڊ ۾ فاروق طارق، بلال يعقوب، ثنا عمران، ارسلان شيخ، ڊاڪٽر محمد جميل، بشرا ماهنور، حسيب خٽڪ، عتيق الرحمان سيال، مريم اعواڻ، عاصم آغا، عبدالحڪيم، ظفر احمد، قاسم علي قاسم، انعم چوڌري، حمزا چوڌري، رضوان علي عابدي، عبدالله بلال، فضا صديقي، اويس خان، ورثا پيرزادو ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو. ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته رڳو ڪورونا جي صورتحال ڏٺي وڃي ته آن لائن پڙهائي ٿي، ٽيوشن فيس ورتي وئي، ٽرانسپورٽ فيس ورتي وئي، بجلي جا خرچ ورتا ويا، ايمپلائمينٽ فيس ۽ ٻيا خرچ ورتا ويا، اهي ڇو ورتا ويا، يونيورسٽيون تعليم جي نالي تي ڪمائي رهيون آهن، اهو پئسو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ ڪيترين ئي يونيورسٽين جا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي چڪا آهن، سمورن يونيورسٽين جي فنڊن جي آڊٽ/جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ تفصيل شاگردن سوڌو عام ماڻهن جي سامهون آندا وڃن.