ٿر جي مشهور لوڪ ڪلاڪار جو وڇوڙو!

                 ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي خوبصورت سريلي ۽ شيرين آواز ۾ مقبوليت ماڻيندڙ ٿر جو مشهور لوڪ ڪلاڪار حيدر رند 66 سال جي ڄمار ماڻي. 23 ڊسمبر 2021ع  جي شام سول اسپتال ڇاڇري ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. حيدر رند جو تعلق ٿر جي ڳوٺ ڪريمداد تڙ سان هو. هو ٿر جهڙي پٺتي علائقي سان تعلق رکندڙ هڪ غريب ۽ نج عوامي ڪلاڪار هو. جنهن سڄي ڄمار لوڪ موسيقي کي ڏني. پنهنجي سريلي ۽ منڌر آواز ذريعي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي عوامي مڃتا ماڻي. هن مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي مشهور گيت ڳايا جنهن ۾ ڍاٽڪي، مارواڙي، سنڌي ۽ سرائڪي شامل آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته، هي ايڏو وڏو لوڪ موسيقي جنهن سڄي ڄمار موسيقي کي بخشي پر ڪافي عرصي کان بيماري جي بستر تي پيل هو، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي توڙي مقامي چونڊيل نمائندن سياسي سماجي ۽ انسان دوست سڏائيندڙ تنظيمن سار نه لڌي پر مئي پڄاڻان مڙهه کي ڳوٺ نيئڻ جي لاءِ سرڪاري ايمبولينس ڏيڻ کان به کتو جواب ڏئي ڇڏيائون. جيئري ته قدر ڪون ڪري سگهيا پر مري وڃڻ کان پوءِ به قدر ڪونه ٿيو، هي آهن اسان جي ثقافت کاتي توڙي انسان دوست سڏائيندڙ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا حال جيڪي وڏا هام هڻندا آهن وڏيون دعوائون ڪندا آهن. اسان انساني خدمتن جا ڄار وڇائي ڇڏيا آهن پر عملي طور ڏسڻ ۾ ڪجهه نٿو اچي. ڪيترائي اسان جا اديب، شاعر، ليکڪ ۽ فنڪار موتمار بيمارين سان جيهڙيندي راهه رباني وٺي ويا ۽ ڪيترائي اڃان بيمارين جي بسترن تي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ جنگ وڙهي رهيا آهن. ڪنهن کي به نظر نٿا اچن، مري وڃڻ کان پوءِ سڀني کي ياد ايندا آهن. هي ٿر جو مشهور ڪلاڪار حيدر رند به ڪيترين ئي سالن کان بيمار جي بستر پيل هو. ڪنهن به ڀيرو نه ڀڳو، آخر هن 23 ڊسمبر جي شام سول اسپتال ڇاڇري ۾ هن بي قدري دنيا کي الوداع چئي. وڃي خالق حقيقي سان مليو. سندس جا ڳايل خوبصورت ۽ شيرن آواز ۾ درديلا گيت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾صدين جو پڙلاءُ آهن.

ميانداد راهمون/ عمرڪوٽ

هن شھر جو شعور ننڍ جون گوريون کائي ستل آھي!‎‎

  سنگتي مون وارا به عجيب آھن، گهڻو ڪري فيس بڪ تي ڪنهن دوست جي جنم ڏينهن جي وڏي پوسٽ رکي کيس خوش ڪري پوءِ فون ڪندا ته اڄ رات ڦلاڻي هوٽل تي تنهنجو جنم ڏينهن ملهائينداسين، ڪيڪ ۽ اجرڪ اسان تي باقي ماني جو خرچ توتي. سڀني جا جنم ڏينهن ملهائڻ جو ڄڻ کين ٺيڪو مليل هجي، منهنجي هڪ دوست ان سنگت جو نالو ئي پرائي خرچ تي “ويلا ٽار گروپ” رکيو آھي. هڪ ڏينهن سندن هٿن ۾ ڊزن کن اجرڪ ۽ گلاب ڏٺم. پڇيم ڇا جي تياري آ؟ وراڻيائون “صاحب” ٿا اچن. پروگرام شروع ٿيو، وڏو گوڙ مچي ويو، گلن جي ورکا، اجرڪ ڄڻ ميلو لڳو پيو هجي. ٻئي ڏينهن هڪ دوست ويلا ٽار گروپ جي هڪ ڪامريڊ کي چيو، ڪامريڊ! گٽر نالا اٿليا پيا آھن، پاڻي گهٽين ۾ ڪاهي پيو آھي، ڀلا ان جي مرمت لاءِ صاحبن کي ڪجه چئو؟ ڪامريڊ وراڻيو نه، ڪامريڊ پنهنجي شھر ۾ منشيات، ٺرو، گٽڪو عام جام ٿي پيو آھي، نوجوان نسل تباهه آھي، ڀلا ان بابت اوهان واري سنگت ڪي قدم کنيا آھن؟ ڪامريڊ وراڻيو نه، ڪامريڊ اسڪولن کي عمارتون ناهن، روڊ رستا تباهه آھن، پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، گرلز هاءِ اسڪول ناهي، رورل هيلٿ سينٽر ناهي، ان بابت صاحبن کي ڪجهه اوهان چيو؟ ڪامريڊ وراڻيو نه. سنگتي چيس، ڪامريڊ شھر ۾ ڪيرم بورڊ وغيره جا دڪان کليل آھن، پڙھيل لکيل بيروزگار آھن، وڏي آبادي رکندڙ هن شھر مان ڪو به نوجوان ڪميشن ليول جو امتحان پاس ناهي ڪري سگهيو، جنهن جو سبب پاڻ وٽ تعليمي ماحول نه هئڻ آھي، صاحبن کي پنهنجي شھر ۾ لائيبريري کولڻ لاءِ چيئي؟ ڪامريڊ وراڻيو نه. سنگتي مون وارو صفا جذباتي ٿي ڪامريڊ کي چوڻ لڳو ته، پاڻ کي فيس بڪي دانشور ۽ ڪامريڊ سڏائي صاحبن جون دعوتون رکرائي اجرڪ پارائي پاڻ کي وڻايو ٿا ته پر ڪري ته پنهنجي شھر جي مالڪي به نٿا سگهو! ڪامريڊ ايئن ڪڇي جيئن ڀت. پاسي ۾ بيٺل هڪ همراهه چيو ڀائو هنن پنهنجا ضمير وڪڻي ڇڏيا آھن، سماجي مسئلن سان هنن جو ڪو واسطو ناهي هي “صاحبن” جون خدمتون ان ڪري پيا ڪن جو کين پٽيوالي يا چوڪيداري جو آسرو آھي.

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول

يونيورسٽين ۾ لٽڪندڙ سنڌ جي شعور جا لاش!‎‎

  اسان جي سماج ۾ هر فرد پنهنجي ۽ پنهنجن گهر وارن جي روشن مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙيندو ٿو وتي، معاشري ۾ تعليم جي حاصلات لاءِ هرڪو مختلف علائقن، شهرن ۽ سمنڊ پار ملڪن ڏانهن روشن مستقبل جا خيال کڻي، والدين جي اکين ۾ ڏٺل خواب ساڀيا ڪرڻ جي اميد سان پنهنجي سفر جي شروعات ڪن ٿا پر جڏهن والدين کي پنهنجن ٻچن جي ڊگرين ۽ ڳلن ۾ تمغن جي بدران ڦاهي جا ڦندا ملن ته ڪهڙي ڪيفيت رهندي؟ هر والدين جو خواب هوندو آ ته انهن جا ٻچا ڊگريون وٺي هن سماج جي ترقي ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪن. والدين ۽ اداري جو نالو روشن ڪن پر ڪهڙي خبر اڙي موت تنهنجو اچڻ ۽ رسي جو ٽٽڻ، اهڙي ريت جو هر خواب هر روشن مستقبل جو خيال ۽ خوشي جو دور ٿيڻ ڄڻ ڪو پرديسي پکي اوچتو تنگ نظر شڪاري جي ڄار ۾ ڦاسي هميشه لاءِ هن دنيا مان هليو وڃي. تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي يونيورسٽين ۾ آپگھاتن جو عمل نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر هڪ عالمي سطح جو مسئلو بڻجي زور وٺي چڪو آهي. اهي ادارا جتي جيئڻ جو درس ڏنو وڃي، پيار، محبت ۽ سڪ قرب سان انسان گنڊيو پيو آ پر پوءِ به پنهنجي زندگي کي پنهنجن هٿن سان موت جي منهن ۾ ڏيڻ، انتهائي افسوسناڪ عمل ۽ اسان سڀني لاءِ سوچڻ جوڳو عمل آ. عالمي سطح تي سجاڳي مهم ۽ يونيورسٽين توڙي سماجي تنظيمن پاران جاڳرتا ريليون ڪڍي ۽ پروگرام منعقد ڪرايا وڃن ته جيئن نوجوان نسل جي ذهني واڌ ويجهه ٿئي ۽ اڳتي هلي هڪ پرامن ۽ انسان دوست ماحول پيدا ڪري سگهجي.

زوهيب احمد وڳڻ/ڀينس ڪالوني روڊ لاڙڪاڻو

واپڊا جا ٽئڪسن ۾ اٽيل بل ۽ غريب عوام!‎‎

  جيئن ئي سيارو آيو آهي ته بجليءَ جي کپت ۾ گھٽتائي ٿي آھي، جيئن ته اونھاري جي بنسبت سياري ۾ بجليءَ جو استعمال گھٽ ٿيندو آھي، صرف رات جو بلب سيور تي ھلندا آھن يا وري ٻه ٽي ڪلاڪ ٽيليويزن ھڪ گھر ۾ ايترو ئي استعمال ھوندوآ، سئو کان به گھٽ يونٽ استعمال ٿيندا آھن، جنھن جو بل يونٽ جي حساب سان ھزار کان گھٽ بيھي ٿو، ڇو جو 24 ڪلاڪن ۾ 8 ڪلاڪ ته لوڊشيڊنگ به ھوندي آھي، جنھن ڪري بل جو گھٽ اچڻ سبب سياري ۾ غريب عوام بل واري پريشاني کان ڪجھه گھٽ پريشان ھوندي آ پر ٻن ٽن مھينن کان واپڊا جا ٻيا ٽئڪس ته بل مٿان لڳل عام رواجي آھي پر ھڪ نئي ٽئڪس فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي جيڪا بل جي قيمت کان وڌيڪ آھي، بل پنج سئو جو آ ته ٽئڪس ھڪ ھزار جو آ، اھا ڪھڙي ناانصافي آھي؟ واپڊا بل کڻي وڃ ته چون ٿا مٿان جي لڳل آ، مٿي ڪير ويٺل آ جيڪو پيو غريب عوام، مزدور طبقي جو رت چوسي؟ جنھن گھر ۾ ھڪ گورنمينٽ نوڪري ناھي ان جي مٿان ايڏا ٽئڪس اچرج جھڙي ڳالھه آهي، جي ڪورٽ ۾ ڪيس وجھون ٿا ته انھن جا رکيل ليگل ايڊوائيزر اھڙا نوٽيس ڏيکاريندا، چيف جسٽس آف پاڪستان کان گذارش آهي ته غريب عوام تي رحم کائي اھڙين ھٿ ٺوڪين ٽئڪسن کان عوام جي جند ڇڏائي وڃي.

ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس

دولت جو بکيو ماڻھو ھميشه چاپلوسي ڪندو آهي!

  ڌن، دولت، عزت، شهرت، ٽرڙائپ جو بکيو ماڻهوهميشه چاپلوسي ڪندي سٺن نمبرن ۾ پاس ٿي وڏن ماڻهن جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ۾ حياءُ لڄ جون سڀ حدون اورانگھي به پاڻ کي ڪامياب انسان سمجهندو آهي، ان ۾ جبي پهريل پير هجي، ڪلهي تي وڏا تمغا سجايل جنرل هجي، واپار ۾ ٺڳيون ڪندڙ سيٺ هجي سياست منجهه بدڪاري ڪري پنهنجا ٻئي جهان خراب ڪندڙ ڀوتار هجي، جتيون سڌيون ڪندڙ ڪامورو هجي سڀئي هڪ گھاٽ تان پاڻي پيئندڙ جانورن جيان آهن، گهڻي خوشامد انهن جي ڪئي ويندي آهي جن وٽان ڪجھه نه ڪجهه ملڻ جو آسرو هوندو آهي ۽ گهڻو ملڻ وري حاڪمن جي هٿان ئي ٿيندو آهي سڌريل سنڌ ۽ ملڪن جي سربراهن وٽ قانون موجب کين ڪجهه به ڏيڻ جو اختيار نه هوندو آهي پر اسان جهڙن ملڪن ۽ سنڌ ۾ ملوڪيت جي دور کان اڄ تائين سنڌ ۽ ملڪي وسيلن جي مالڪي حاڪمن جي هٿن ۾ رهي آهي غير ملڪي مهمان ڪڏهن پير صاحب جي ته ڪڏهن عملي جي منهن ڏي تڪي تماشو ڏسي دل وندرائيندو رھيو، دعا کان بعد کين حڪم ٿيو ويجھا اچو هرهڪ ڍور جيان پٺي ٺپرائي ويندو رهيو، کين حڪم ٿيو ته وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ درگاهه تي ايندا رهندا ڪريو سنڌ ۾ غير ملڪي مهمان کي ملاقات لاءِ سڏ ٿيو. جيئڻ جو رتبو اسان نه ڄاتو.

مُلن جوخطبو ٻُڌيو مرون ٿا،

وڏو شڪل کي شاٽ لڳي ٿو،

اتي ئي سچ کي کاٽ لڳي ٿو،

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ٿر جو مستقبل ۾

 ڇا حال هوندو؟!

  ٿرپارڪر ضلعو ڪيترن ئي معدني پيداوار سان ڀريو پيو آهي پر ڪجه سال اڳ نڪرندڙ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو هٿ آيو، نڪرندڙ ڪوئلي تي سڄي دنيا جون نظرون آهن، جتي هن وقت ڪيترائي پلانٽ لڳايا ويا آهن، جتي چائينيز ڪمپني راڄ قائم ڪري ورتو آهي، ھزارين سال اڳ ويٺل مارئي جي ملڪ جا مسڪين ماروئڙا هتان کان چند پئسن جي لالچ ڏئي کين نڪل مقاني ڪيو ويو آهي جتي کين ڪالونين جي صورت ۾ گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ رکيو ويو آهي سندن ڪوڙين جون ٻنيون، قبرستان ۽ مسجدون هميشه لاءِ ويران ڪيون ويون آهن، هن نڪرندڙ ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي هن وقت پنجاب ۾ هلي رهي آهي پر ان جو ٿر کي ڪو به لاڀ ملي نه سگهيو آهي، ٻئي پاسي ڪوئلي مان نڪرندڙ ڪيميڪل وارو کارو پاڻي گوڙاڻو ڊيم ۾ گڏ ڪيو پيو وڃي جيڪو انتهائي زهريلو آهي، جيڪو اسٽور ڪرڻ سان اتان جي جر جو پاڻي تمام کارو ٿي ويو آهي، مٽي واريون ٻنيون ڪلر ٿي ويون آهن ۽ هزارين سال اڳ جا پراڻا قبرستان تباهه ٿي رهيا آهن افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪيترائي پڙهيل ماڻهو بيروزگار آهن پر هتي هن ڪمپنيءَ ۾ ڪو به سٺي پوسٽ تي ناھي پنجاب ۽ ٻين صوبن کان آيل ماڻهو وڏين پوسٽن تي موجود آهن، هيڏي وڏي ذخيري نڪرڻ کان پوءِ به ٿري ماڻهو روزگار لاءِ پريشان آهن، جيڪڏھن ڪو ٿري ماڻهو روزگار لاءِ احتجاج ڪري ٿو ته مٿن ڪيس داخل ٿين ٿا جيئن ڪجھه وقت اڳ ڀيل برادري جي نوجوان دودو ڀيل کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو جنھن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به انصاف ناهي ٿي سگھيو، ارضيات جي ماهرن جو خيال آهي ته ٿر جي سرزمين 10 سالن کان پوءِ ڪلر جي ور چڙهي ويندي ۽ اهو سيلاب جو سلسلو وڌندو ته جر جو پاڻي کوهه ٻنيون قبرستان هميشه لاءِ مسمار ٿي ويندا، اسان ٿرپارڪر ضلعي جي مڙني ساڃاهه وڌن اسيمبلي ميمبرن کي اها پر زور اپيل ڪريون ٿا ته خدارا توهان به هن ڌرتيءَ جا ڄاوا آهيو هي ڌرتي اسان جي امڙ آهي جتي اڄ ڌاريا ڌڻي آهن هن ڌرتيءَ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ کان روڪيو ۽ ٿر جي ماڻهن لاءِ روزگار جي وسيلي لاءِ همت ڪريو ته جيئن ٿر مان بيروزگاري ختم ٿئي سگهي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

روح جو مقام ڇا آھي!

  عام طور تي اهو سمجهيو ٿو وڃي ته جسم ۾ روح جي جاءِ انسان جي دل آھي، جڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ٿو ته دل مان ان جو روح نڪري وڃي ٿو، موجوده دور ۾ سائنس جي ترقي جي ڪري اهو ممڪن ٿي ويو آھي ته هڪ انسان جي دل آپريشن جي ذريعي ٻئي انسان کي لڳائي وڃي ان صورت ۾ نئين دل ۾ روح ڪٿان ايندو؟ هڪ عام تصور ته اهو آهي ته روح انساني جسم ۾ رهي ٿو پر ان جي هڪ مقرر جاءِ جي باري ۾ يقين سان ڪا به ڳالهه نٿي چئي سگهجي ۽ نه ئي ايئن سمجهڻ صحيح آھي، جيڪڏهن ڪنهن هڪ ماڻهو جي دماغ ۾ گولي لڳي ته ان جو موت ترت واقع ٿي وڃي ٿو  جڏهن ته اهو ممڪن آھي ته ان جي دل ڪجه دير تائين ڌڙڪندي رهي ان صورت ۾ ڇا سمجهڻ گهرجي؟ روح بابت انسان هميشه حيراني ۽ تجسس ۾ رهيو آھي. نبي ڪريم ﷺ جن جي دور ۾ مڪي جي مشرڪن پنهنجو هڪ وفد مديني ڏانهن موڪليو جن اتي يهودي عالمن سان ملاقات ڪئي ۽ حضرت محمد ﷺ جي دين بابت انهن جي راءِ معلوم ڪرڻ چاهي، انهن عالمن مڪي وارن کي چيو ته محمد ﷺ ٽن سوالن جا جواب جي اطمينان بخش ڏي ته پو سمجهو ته هو سچو نبي آھي. انهن ٽن سوالن ۾ هڪ سوال روح جي حقيقت جي وضاحت بابت هو. مڪي ۾ واپس اچي جڏهن مشرڪن نبي ڪريم ﷺ کان سوال ڪيا ته پاڻ سڳورن انهن سوالن بابت رب کان دعا گهري، روح بابت ڪيل سوال جو جواب رب پاڪ قرآن پاڪ جي هڪ صورت ۾ پڻ فرمايو آهي ته: “اي نبي اوهان انهن کي ٻڌايو ته جيڪي روح جي باري ۾ پڇن ٿا، روح رب تعاليءِ جو حڪم آھي، جيڪو اوهان ڄاڻو ٿا اهو تمام گهٽ آھي. رب پاڪ جي ان فرمان جو مطلب اهو آھي ته اسان کي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي ته روح ڇا آھي؟ ڪٿي هوندو آھي؟ قرآن پاڪ ۾ کولي ٻڌايو ويو آھي ته روح جو علم صرف الله پاڪ کي آھي. اسان کي روح بابت نه رڳو روڪيو ويو آھي پر ايئن به چيو ويو آھي ته ڪو به ماڻهو روح بابت نٿو ڳالهائي سگهي، بس صرف اندازو ئي ڳائي سگهجي ٿو.

خوشي سليم/لاڙڪاڻو

صوبائي حڪومتن پاران بلدياتي اليڪشن منعقد ڪرايون وينديون!

  بلدياتي ادارن کي جمهوريت جي نرسري قرار ڏنو ويندو آهي، مڪاني حڪومتون جمهوريت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪنديون آهن. جنهن جي ڪري عوام جا مسئلا مقامي سطح تي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. جتان ماڻهو سياست ڪري صوبائي ۽ قومي سطح تي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا آهن ان جي بنياد کي ئي ختم ڪري ڇڏجي ته هڪ مضبوط عمارت کي بيهارڻ ڏکيو نه پر ناممڪن ٿي پوندو آهي. موجوده حڪومت گذريل ٽن سالن کان پنجاب ۾ بلدياتي اصلاحن جي نالي تي مقامي حڪومتن کي معطل ڪري رکيو آهي. ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ جي مداخلت تي صوبائي حڪومتون بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ٿيون ۽ ڪي پي ڪي ۾ بلدياتي اليڪشن جي شروعات ٿي آهي. جتي اليڪشن ٿي وئي آهي، هن وقت ڳالهه اها آهي ته بهتر ٿيندو ته حڪومت پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان سان گڏ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به بلدياتي اليڪشن ڪرائن جا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪري عوام جا مسئلا انهن جي چانئٽ تي حل ٿي سگهن.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اڄ هڪ ڪامريڊ جي کوليءَ ۾ چي گويرا جي تصوير ڏسي لائبريري اچي Diary of Che Guevara پڙهيم، ڊائريءَ جي آخر ۾ چي گويرا جو پنهنجي ٻارن ڏي لکيل (آخري) خط پڙهي ڪجھه دير لاءِ اُداس ٿي ويس، لکيو اٿائين ته “ڪنهن ڏينهن آئون توهان وٽ نه هوندس ۽ توهان منهنجو خط پڙهندا ته لڳ ڀڳ توهان مون کي وساري چڪا هوندا.“ چي جا اهي اکر دل ۾ ويهي ويا، مون ڪنهن جي لاءِ ڪجھه ڏينهن پهريان خط لکيو هو جيڪو آئون ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن ملاقاتي کي به نٿو ڏئي سگھان. هُن مون کي چيو هو ته “تون قيدين جا سور ته لکين ٿو پر منهنجي سونهن توکي ياد ئي ناهي.“ هوءَ منهنجي هر لکڻي پڙهندي آهي، ان لاءِ هُن کي عرض آهي ته: اي پرين!، تون نسواني جمال جو آخري نمونو آهين ۽ تنهنجو حسن آخري شاهڪار آهي، تنهنجو بي مثال حُسن ۽ باڪمال روپ ڪنهن سرخي پائوڊر جي سينگار، گجرن جي تار، موتين جي هار ۽ زيب ۽ زينت جي جھنڪار جا محتاج ناهن، تنهنجي وجود جي تشڪيل لاءِ ڪائنات پنهنجو هر حوسن ڏئي ڇڏيو آهي. گُل پنهنجا رنگ، هوا پنهنجي لطافت، درياهه پنهنجو موجودن، زمين پنهنجي بيهڪ، تارن پنهنجي چمڪ، ڪلين پنهنجي مهڪ، چنڊ پنهنجي چانڊوڪي، سج پنهنجي لطيف ڪرڻن، آڪاش پنهنجو توازن، چوٽين پنهنجي بلندي، رڻ ۽ بَر جڏهن پنهنجا نشيب گڏ ڪيا هوندا ته پوءِ تون ئي وجود ۾ آئي هونديئن. اي پرين! تنهنجو حسن،خوبصورتي جي هر معيار تي آخري درجي تي پورو لهندو آهي، تنهنجو سمورو سراپو بي داغ ۽ شفاف آهي، تنهنجي اکڙين جي چمڪ هر لباس جي مناسبت سان مٽبي رهندي آهي، تنهنجي نظر گھڻي قدر جھڪيل هوندي پر جڏهن تون نظرون کڻندي آهين ته اهي تير جيان هر بندي بشر جي وڃي دل ۾ کُپنديون آهن. تنهنجو چهرو ڪتابي، پيشاني ڪشادي، رُخسار سُرخ لال، زبان شيرين، تنهنجا چپ گلاب ۽ ڏند موتين جھڙا آهن، تنهنجي مرڪ سان رُت مٽجي ويندي آهي ۽ تنهنجو آواز سُريلي نغمي جيان ڪنن ۾ رس ڀريندو آهي ۽ تنهنجي ڪچهريءَ ۾ موتي وسندا آهن. او پرين! تنهنجي وجود ۾ حياءَ جو عطر ۽ ساهن ۾ خوشبوئن جي مهڪ آهي، تنهنجي لهجي ۾نرمي، هلڻ ۾ دلرُبائي ۽ ڳالهائڻ جي طريقي ۾شان ۽وقار آهي، نومبر جي هي رات تنهنجي يادن جا تير وسائي رهي آهي، جيڪي مون گھائي رهيا آهن، منهنجي کوليءَ جي مٿان چنڊ به چمڪي پيو جنهنجي چانڊوڪي تنهنجي وجود جو يقين ڏياري رهي آهي، مون کي رات جي هير ۾ تنهنجو هُڳاءُ اچي رهيو آهي. فقط تنهنجو آصف. مون خط پڙهي پورو ڪيو ته مون کي دلدار وساڻ جي پياري آواز۾ ان جا پنهنجا لفظ ٻڌڻ ۾ آيا:

نصيب آ پنهنجو پنهنجو، لکيو آجيڪو لوڙي ٿو،

خوشين جي ڪو سچ ٿو ماڻين، جيلن ۾ ڪو لوڙي ٿو،

نصيب آ پنهنجو پنهنجو، لکيو آ جيڪو لوڙي ٿو،

لُن دو آسو پوک اهائي، جيڪا ماڻهو پوکي ٿو،

نصيب آ پنهنجو پنهنجو لکيو آ جيڪو لوڙي ٿو.

محبت لاءِ ڪي ته سڪن ٿا، ڪن سان ته به ٽي يار گھمن ٿا،

نصيب آ پنهنجو پنهنجو، لکيو آ جيڪو لوڙي ٿو.

دلدار جنهن کي مالڪ چاهي، وساڻ تنهن کي ڳڻتي ناهي،

نصيب آ پنهنجو پنهنجو، لکيو آ جيڪو لوڙي ٿو.

مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هو ايڏي پياري شاعري ڪندو آهي، ان خوشيءَ ۾مون پنهنجي هٿن سان سڀن هانڊي والن کي چانهه تيار ڪري پياري.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (21 نومبر 2021، رات جا 11:20 وڳا)

زندان جي جھروڪن مان!

  اڄ آچر جو ڏينهن آهي، موڪل جو ڏينهن هجڻ سبب جيل جي کوليءَ ۾ هڪ اداس قسم جي ويراني ۽ خاموشي ڇانيل آهي، کوليءَ جي ڪنڊ ۾ دوست جي ڏنل ڪتابن جو ڍير پيل آهي ۽ منهنجي سامهون ٽڙيل پکڙيل پنن ۽ ڪاپين جو ڍڳ ڏسي ايئن ٿو لڳي ڄڻ هو سڀئي منهنجي بيوسيءَ تي کلي ۽ ٽهڪ ڏئي رهيا هجن، ڪجھه دير پهريان عبدالله شيخ ۽ منٺار مون کي چانهه ۽ سموسا ڏئي ويا آهن پر ڪجھه به کائڻ ۽ پيئڻ تي دل نٿي چوي، هتي جيل ۾ موڪل وارو ڏينهن گذارڻ ڪنهن وڏي عذاب کان گھت ناهي هوندو، موڪل واري ڏينهن نه ملاقات نه پسار بس رڳو انتظار ئي انتظار هوندو آهي ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ وقت ٿمجي ويو هجي ۽ دنيا به هڪ جاءِ تي بيهي وئي هجي ۽ انتظار ۾ ڪيڏي تڙپ ۽ تڪليف لڪل هوندي آهي ان جو اندازو صرف هتان جا قيدي ئي لڳائي سگھن ٿا. اڄ مون کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسائي گرفتار ڪرڻ واري ڄامشوري ٿاڻي جي اي ايس آءِ منظور چانڊيو تي تمام گھڻي ڪاوڙ اچي رهي آهي نه رڳو ان تي پر ڪوڙين شاهدين هڪ بيگناهه شخص کي جيل جي ڪال ڪوٺڙين پويان پهچائي ڇڏيو آهي. انهن سڀني تي مون کي سخت قسم جي ڪاوڙ اچي رهي آهي، جن سياسي دشمني ۽ پنهنجي خصيص مفادن خاطر مون کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائي بنا تڪبير جي مُڏي قاتيءَ سان ڪهي ڇڏيو، تن تي ڪاوڙ اچڻ فطري عمل آهي پر آئون ايئن به سمجھان ٿو ته اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي ڏوهه رڳو مون کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ وارن جو ناهي، پر ان طبقاتي ۽ استحصالي سماج جو به آهي جنهن سماج ۾ ظلم جبر ۽ ناانصافي جو خاتمو تيستائين ناممڪن آهي جيستائين اسين هن استحصالي سماجي جڳهه تي انصاف ۽ امن واري نئين سماج لاءِ انقلاب برپا نٿا ڪريون. بقول منهنجي دوست اربيلو جوکيو، حيدر کوسو ۽ عزيز گاڏهي جي ته ان لاءِ اسان کي انقلابي جدوجهد ذريعي شروعات ڪرڻي پوندي باقي اسان پارٽ ٽائيم سياسي جڳاڙ واري جدوجهد ذريعي ڪجھه به نٿا ڪري سگھون.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد