ٽيلي اسڪوپ جيمز ويب

0
209
ٽيلي اسڪوپ جيمز ويب

 ھن ٽيلي اسڪوپ تي 10 ارب ڊالر خرچ ٿيا جڏھن ته ھن کي تيار ڪرڻ ۾ 20 سال جو وڏو عرصو لڳي ويو انسان دماغ جو ھي شھڪار آمريڪا جي خلائي اداري ناسا، يورپي اسپيس ايجنسي ۽ ڪينيڊين اسپيس ايجنسي جي گڏيل محنت جو نتيجو آھي. جيڪا 25 ڊسمبر پاڪستاني وقت مطابق شام 5 لڳي 20 منٽن تي خلا ۾ ڇڏي وئي جيڪا لائونچنگ ڪامياب رھي لڳ ڀڳ ھڪ مھيني کان پوءِ ھي پنھجي منزل تي يعني زمين کان 15 لک ڪلوميٽر پر اتي پھچندي جيڪا ھن جي منزل آھي.

ھاڻ اتي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته 1990 ۾ ڇڏيل ھبل ٽيلي اسڪوپ ته ڌرتي کان 5 سو ڪلوميٽر پري آھي جيڪا ڌرتي جي چوڌاري چڪر پڻ ڪٽي رھي آھي ۽ ڪائنات جون تصويرون موڪلي رھي آھي ته پوءِ ھن کي ايترو پري ڇو موڪليو پيو وڃي؟ ايترو پري اگر ھن ۾ ڪا خرابي اچي وڃي اتي ته ڪو به انسان ھن کي رپيئر به نٿو ڪري سگھي. ؟ ته ان جو جواب اھو آھي ان کي ايترو پري ان لاءِ پيو موڪليو وڃي جو اتي ھن لاءِ جڳھه موزون آھي ۽ اتي انڌيرو يا اونداهي آھي جنھن سان ھي ٽيلي اسڪوپ ڪائنات جو بھتر نموني مشاھدو ڪندي ۽ 15 لک ڪلوميٽر ڌرتي کان پوءِ ڌرتي جو ڪشش ثقل Gravity ختم ٿي وڃي ۽ سج جو ڪشش ثقل شروع ٿئي ٿو مطلب خلا ۾ ڌرتي جي 15 لک ڪلوميٽر جي مدار ۾ جيڪا شيءَ ھوندي ان تي سج جي نسبت ڌرتي جي ڪشش ثقل Gravity وڌيڪ ھوندي مطلب ته ھي ٽيلي اسڪوپ 15 لک ڪلوميٽر ڌرتي کان پري ان ڪري پئي موڪلي وڃي ته جيئن ھي ڌرتي نه پر سج جي چوڌاري چڪر ھڻي جتان ھي ڪائنات بابت بھترين تصويرون موڪليندي. ھي ٽيلي اسڪوپ 13کان 14 ارب نوري سال پري تائين ڏسي سگھندؤ جنھن سان خبر پوندي ته ڪائنات جي پھرين ڪھڪشان ڪيئن وجود ۾ آئي پھريان تارا ڪئين ٺھيا، ڪلسٽر ڪئين وجود ۾ آيا ايتري حد تائين به چيو وڃي پيو ته ڪائنات ۾ اگر ڪا ٻي مخلوق آھي ته ان کي به ھن سان ڏسي سگھبو. ھن ٽيلي اسڪوپ جيمز ويب کي اھو سڄو ڪم ڪرڻ لاءِ 6 مھينن جو وقت گھربل آھي ته 6 مھينا انتظار ڪرڻو پوندو جنھن جو سڄي دنيا جي سائنسدانن ۽ فلڪيات سان دلچسپي رکندڙن کي آھي اميد ته ھي ٽيلي اسڪوپ پنھنجي منزل تي پھچندي ۽ 6 مھينن کانپوءِ اسان کي ڪا سٺي خبر ڏيندي، جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ ھن وقت ڌرتيءَ کان تقريبن 3 لک 40 ھزار ميل پري وڃي چڪو آھي ۽ ھي پنھنجي منزل جو 37 سيڪڙو سفر ڪري چڪو آهي ۽ چنڊ کان پڻ پري وڃي چڪو آھي  ھن کي اڃان 5 لک 58 ھزار ميلن جو سفر ڪرڻو آھي جنھن ۾ ھن کي اڃان لڳ ڀڳ 26 يان 27 ڏينهن لڳندا.