شاهپورچاڪر: مٺي واسي ڀاءُ ڀيڻ اسلام قبول ڪري ورتو

0
259

شاهپور چاڪر (ن پ ا) مٺي شهر جي رهواسي ڀاء ڀيڻ شاهپورچاڪر شهر جي مسجد فيض محمد ۾ مولانا محمد پريل کان ڪلمو پڙهائي اسلام قبول ڪري ورتو. مٺي جي رهواسي رميش ۽ سندس وڏي ڀيڻ سومري جو چوڻ آهي ته اسان اسلام کان متاثر ٿي مسلمان ٿيا آهيون. اسلام قبولڻ بعد سندن اسلامي نالو عبدالھادي ۽ سمعيا رکيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالھائيندي عبدالھادي جو چوڻ ھو ته اسان ٻنھي ڀاء ڀيڻ بغير ڪنھن زور زبردستي پنھنجي رضا خوشي سان ڪلمو ڀري اسلام قبولي ورتو آھي.