شاهپورچاڪر: ڊي ايس پي آصف آرائين موجب اسان جاچ به ڪيون پيا ۽ جاءِ واردات تان ڪجهه شاهديون اهڙيون به مليون آهن جنهن مان لڳي ٿو ته قتل ڪندڙن کي به ڪي ڌڪ يا گولي لڳل آهي ۽ جڏهن اسان پيرا کنيا ته ڪافي اڳتي تائين اهي رت جا نشان ويل آهن اسان ڳولا ڪيون پيا ۽ تمام جلد ڪيس کي حل ڪري وٺنداسين جي ضرورت پئي ته رت جي مليل سيمپل جا ڊي اين اي به ڪرايا ويندا.