اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد دائود چنو ۾ ٻه ايڪڙ زمين جي مالڪي تان چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڪارتوس جا ڇرا ۽ لٺيون لڳڻ سبب پيءُ لام مصطفيٰ چنو ۽ سندس پٽ عابد چنو زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي فائرنگ بند ڪرائڻ بعد زخمين کي کڻائي اسپتال روانو ڪيو، ان موقعي تي زخمي ٿيلن جي وارث عورتن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي وڏيري احمد خان چنو پنهنجي پٽن دائود، عامر سميت امجد، نديم ۽ ٻين هٿياربند ساٿين سان گڏجي حملو ڪري کين جي همراهن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي دانهون ڪرڻ تي ٻيا ڳوٺ وارا پهتا ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هنن چيو ته با اثر وڏيرو زبردستي زمين مٿان قبضو ڪرڻ چاهي ٿو،هوڏانهن ٻي ڌر جي احمد خان چني موجب زمين اسان جي خريد ٿيل آهي زمين جي مالڪي جا اسان وٽ ڪاغذ پٽ موجود آهن زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ورائڻ وياسين ته هن ڌر وارن منع ڪيو ته جهيڙو ٿي پيو ۽خريد ڪيل زمين تي بااثرن جي چرچ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.