شاعري جو عالمي ڏينهن: شاعرن کي ڀيٽا پيش

0
48
شاعري جو عالمي ڏينهن: شاعرن کي ڀيٽا پيش

 شاعري جي عالمي ڏينهن تي شاعري شيئر ڪرڻ سوڌو شاعرن کي به ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان حوالي سان ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاعري جو عالمي ڏينهن آهي، شاعري عظيم سچ آهي، روح جي رڙ آهي، ڪُنواري دانهن آهي. شاعري ڪيفيت جي ڪهاڻي آهي. مڪمل قومي فن آهي شاعري. اُها شاعري سرڪار جي ڪنهن پليٽ فارم تان پڙهڻ کان آئون ڪنهن قومي شهيد جي شهادت کي ارپڻ کي ترجيح ڏيان ٿو.

ستمگرن  کي  وڃي  ٻُڌايو  اسين  هُئاسين،

جبر جي آڏو نه سِر جُهڪايو اسين هُئاسين.

ضمير  هُئاسين اويلا  هَر هر اسير  ٿياسين،

ٽِڙي  نڀايو   ڇَڻي   نڀايو   اسين   هُئاسين.

اهڙي پوسٽ تي ضمير جاگيراڻي لکيو ته شاعري جي عالمي ڏھاڙي تي سڀني شاعرن، شاعرائن شاعريءَ سان لڳاءُ رکندڙن ۽ پڙھندڙن کي مبارڪون..ساجده علي لکيو ته ھڪ شاعر وڌيڪ بھتر بيان ڪري سگھي ٿو پنھنجو پاڻ، عزيز گل لکيو ته شاعريءَ جو عالمي ڏينهن مبارڪ : جنهن اسان کي جهنگ جي وچ ۾ ڇڏيو، ان کي اهو پڇڻ جو حق نه آهي ته :”بگهڙن اسان سان ڇا ڪيو!؟” پهلاج پريمي لکيو ته شاعري قدرت جي طرف کان ڏنل هڪ ڏات آھي جيڪو قدرت وارو هر هڪ کي ناهي ڏيندو جيئن دولت هرهڪ وٽ ناهي هوندي شاعري هڪ مجروع روح جي هڪ دانهن آھي جيڪو شاعر لفظن جي صورت ۾ بيان ڪندو آھي شاعري هڪ آتش آھي جيڪو آتش سان ملي ٿڌي ٿيندي آھي. فراق هاليپوٽو، عبدالحڪيم پلي، شميم سومرو، ضمير احمد جاگيراڻي، نعمت سومرو، ڊاڪٽر اوم پرڪاش، اياز گل دادواڻي، مشتاق سومرو، مور ساگر، زاهد راڄپر، مبين اڄڻ، عبدالمجيد، لجپت راءِ ۽ ٻين به شاعري بابت راءِ جو اظهار ڪيو. منظور ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاعريءَ جو عالمي ڏينهن..!  شاعري اندر جي احساس سان گڏ دل جي اک سان دنيا کي ڏسڻ جو نالو آھي، شاعري رڳو محبوبا جي حاصلات ۽ وڇڙي وڃڻ کانپوءِ جي واردات نه ھوندي آھي ۽ نه ئي ھڪ ڪوتاڪار ڪنھن طئي ٿيل فارمولي تحت ويھي پنا ڪارا ڪندو آھي، رولينڊ بارٿس جي چوڻي آھي ته؛ تخليقڪار جو تخليق کانپوءِ ڪردار ختم ٿي وڃي ٿو، پر تخليق جيستائين تخليقڪار کي زندگي نٿي ڏي، تيستائين تخليق شاھڪار ٿي نٿي سگهي. ساڳئي طرح، سارتر به چيو ھو ته؛ ھڪ سٺو تخليقڪار ھميشه لاءِ پنھنجي تخليق ۾ زنده رھي ٿو. مظهر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاعِري جو عالمي ڏِينهن آهي آئون شاعر ته ناهيان پر مون کي سِنڌي شاعري جا ڪيترائي نَظم ياد آهِن، جيڪي نَظم پڙهندي وڌيڪ مزو ڏين ٿا ۽ اُهي ڪَمال جا نَظم آهِن اُهي هِيٺين شاعرن جا هِيٺيان نَظم آهن.

ھِڪ ميرحسن آريسر جو نَظم.

قيامتن جِي گَهڙي به وِيجهي.

ٻيو گُلزار سِيال جو نَظم “اِنصاف”

ٽيون باغي جو نَظم “سرمد گيتي منصور جو هَم نِشان” .

چوٿون حَسن درس جو نَظم. سارِي سِنڌ پِرين جو پاڇو.

پَنجون ايوب کوسي جو نَظم “زرد بارُود ۾”

۽ ڇهون عَزير گُل جو نَظم “سَتر ڪِلفٽن”

دُنيا جي شاعرن کي شاعري جو عالِمي ڏِينهن مُبارڪ. انمول جي ايم سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

جڏهن ڪا خوبصورت عورت مرندي آهي ته

ڌرتي پنهنجو توازن وڃائي ويهندي آهي

چنڊ سالن تائين سوڳ جو اعلان ڪندو آهي

۽ شاعري بيروزگار ٿي ويندي آهي..(نزار قاباني) شاعري جو عالمي ڏينهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي مختلف شاعرن جي شاعري شيئر ڪئي:

ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،

پر سين مون نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا.

(شاھ لطيف)

جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهين

نيو من لائين پريان سندي پار ڏي

(شاھ لطيف)

آتے ہیں غیب سے یہ مضامیں خیال میں،

غالب صریرِ خامہ، نوائے سروش ہے.

(مرزا غالب)

شاعري جا روح گرمائي نٿي

منزلِ مقصود سا پائي نه ٿي

(شيخ اياز)

هجي جا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنهه آجي،

نه پنهنجي شاعري اهڙي، نه پنهنجي زندگي اهڙي.

(نارائڻ شيام)

شعر لکڻ مزدوري آهي،

ڪائي وڏي مجبوري آهي.

(تاج بلوچ)

شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟

 جو سندم شاعري ته تون آهين

(امداد حسيني)

ڄڻ پرينءَ جو روپ ڌاري،

شاعري مونکي سڏي ٿي

سمنڊ تي مونکي گهرائي

۽ ڪڏهن سنڌوءَ ڪناري

شاعري مونکي سڏي ٿي

(ادل سومرو)

زندگي وڃائي سين

شاعري ڪمائي سين

دشمني جي ڏينهن ۾

دوستي نڀائي سين

(اسحاق سميجو)

مون مڃتا جي رڻ ۾ ڦٽيا پنهنجا پير،

ليڪن دير سوير، پٽيون ٻڌيون شاعريءَ

(آسي زميني)

سونهن وارن ۾ منفرد آهين،

تون ڀٽائيءَ جي شاعريءَ وانگي

(جواد جعفري)

شاعريءَ سان پيار ڪندڙ سڀني دوستن کي شاعريءَ جو عالمي ڏينهن مبارڪ…