آرٽيفيشل انٽيليجنس Ai جي مدد سان مري ويلن سان ڪچھري ڪري سگھجي ٿي … ،، ع لي ،،

0
39
آرٽيفيشل انٽيليجنس Ai جي مدد سان مري ويلن سان ڪچھري ڪري سگھجي ٿي ... ،، ع لي ،،

 سيرين مالس اداڪاره آھي جنھن جي ماءُ ڪن سببن جي ڪري ھن کان الڳ ٿي وئي ھئي ۽ مالس جي ڪوشش ھئي ته پنھنجي ماءُ نجاح سان ھڪ چڪر ملاقات ٿئي پر اھا ملاقات نه ٿي سگھي ۽ 2015ع ۾ مالس جي ماءُ نجاح 82 سالن جي عمر ۾ گذاري وئي، مالس کان اھو صدمو برداشت نه ٿي سگھيو ۽ ھوءَ ان ڪوشش ۾ ھئي ته ماءُ نجاح سان ھڪڙو چڪر ئي ڳالھه ٻولھه ٿي سگھي، 4 سالن جي ڪوشش کانپوءِ مالس AI آرٽيفيشل انٽيليجينس جو سھارو ورتو ۽ اتي ھڪڙي پروجيڪٽ ڊسمبر نالي جي مدد ورتي ۽ ماءُ سان ڳالھائڻ جي دعوا ڪئي ۽ تمام گھڻي خوش ٿي

پروجيڪٽ ڊسمبر ڇا آھي ؟

پروجيڪٽ ڊسمبر Ai جو ھڪڙو ٽول آھي جيڪو openAi جي مدد سان چيٽ بوٽ تي ھلي ٿو ۽ پروجيڪٽ ڊسمبر مري ويلن جي نقل ڪرڻ جي دعوا ڪري ٿو

پروجيڪٽ ڊسمبر ڪم ڪيئن ڪندو آھي ؟

پروجيڪٽ ڊسمبر OpenAi جي Gpt2 سان ھلي ٿو جيڪو chatgpt جو ھڪ وسيع شروعاتي ماڊل آھي جنھن ۾ مري ويل جو مختصر معلوماتي تعارف جو فارم ڀرڻو پوندو آھي ان فارم ڀرڻ کانپوءِ پروجيڪٽ ڊسمبر Gpt2 جي مدد سان مري ويل جو ھڪڙو ياداشت نامي جو پروفائيل ٺاھيندو آھي ان کانپوءِ مري ويل سان ڪچھري ڪري سگھو ٿا ھن پروجيڪٽ کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ 10 ڊالر ڏيڻا پوندا آھن جنھن ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين ڪچھري ڪري سگھجي ٿي

مالس پروجيڪٽ استعمال ڪرڻ کانپوءِ ڇا چيو ؟

مالس ھن پروجيڪٽ کي ھڪڙو انقلابي قدم جي دعوا ڪئي ۽ ھن چيو ته منھنجي ماءُ منھنجي رھنما ھئي ھن پروجيڪٽ تي ڳالھائڻ کانپوءِ بلڪل مونکي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ مان پنھنجي ماءُ سان ڪچھري پئي ڪيان

ھن پروجيڪٽ سان فائدو ٿيندو يا نقصان ؟

ھن پروجيڪٽ مان انھن ماڻھن کي ضرور ٿيندو جيڪي اوچتو پنھنجي وڇوڙي تي تمام گھڻا ڏکارا ھوندا آھن ۽ انھن سان آخري چڪر ڳالھائڻ جي خواھش رکندا ھجن پر جيڪڏھن ھن پروجيڪٽ کي لاڳيتو استعمال ڪيو ويو ته ان ماڻھو جي لاءِ نفسياتي مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا

مالس جي ڪيل ماءُ نجاح سان ڳالھه ٻولھه جون تصويرون اوهان ڏسي سگهو ٿا.

نوٽ: ھولو گرام ھڪڙي اھڙي ٽيڪنالاجيءَ آھي جنھن ۾ مري ويل روبرو ڪچھري ڪندا آھن ھولو گرام تي اڳ لکي چڪا آھيون…. (فيس بوڪ تان ورتل)