اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دڪاندار طبقي کان بجلي جي بِل وسيلي ماهوار ٽئڪس اوڳاڙڻ جو منصوبو تيار، 35 لک دڪاندارن کي ٽئڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي اسڪيم تيار ڪئي وئي، ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ واپارين لاءِ نئون ڪالم آڻڻ جي تجويز آهي، ٽئڪس اوڳاڙي دڪان مالڪ بدران دڪان تي ڪارروبار ڪندڙ کان ڪئي ويندي، واپارين جي سالياني آمدني کي 12 ڀاڱن ۾ ورهايو ويندو، تجويز ڪيل اسڪيم نئين مالي سال جي بجيٽ کان اڳ اچي سگهي ٿي، حڪومتي ٽيم آءِ ايم ايف کي تجويز ڪيل پلان کان آگاهه ڪيو هو. حڪومت آءِ ايم ايف کي ريزڪي دڪانن کان ٽيڪس وصولين لاءِ اسڪيم ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي چڪي: پلان به جوڙي ورتو.