شادي بابت اڃا ڪوبه پروگرام ناهي جوڙيو:ڪبريٰ خان/گوهر رشيد

0
210

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد شادي بابت افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته في الحال شادي بابت ڪوبه پروگرام ناهي جوڙيو. تفصيل موجب پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ اداڪار گوهر رشيد گڏيل طور هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪري سوالن جا جواب ڏنا. ان موقعي تي شادي جي حوالي سان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي ڪبريٰ خان چيو ته هن وقت منهنجو سمورو ڌيان ڪم تي آهي انڪري پنهنجي آزادي کي وڃائڻ نٿي چاهيان جڏهن ته گوهر رشيد چيو ته اسان جي وچ ۾ رڳو دوستي آهي، شادي بابت نه سوچيو آهي.