سڪرنڊ ۾ 5 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد لاشن سوڌو ڌرڻو ختم

0
121

سڪرنڊ ۾ 5 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد لاشن سوڌو ڌرڻو ختم ڪيو ويو

قومي شاهراهه تي ٽرئفڪ بحال ٿي وئي، واقعي کانپوءِ لڳل ڌرڻي ۾ مقتولن جا وارثن، قومپرست ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ هئا

ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن جا لاش اڄ رات جنازي نماز بعد دفنايا ويندا

ماڙي جلباڻي واقعي خلاف سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، قاسم آباد باءِ پاس، ڄامشورو، نوشهرو فيروز ۽ قاضي احمد ۾ ڌرڻا هنيا ويا، ميهڙ، ڀان سيد آباد، نئون ڪوٽ، وارهه  جروار، ٿرڙي محبت، ڳيريلو ۽ ڏوڪري ۾ به احتجاج ڪيو ويو