سکر ۾ خورشيد شاھ جي آزادي لاءِ احتجاج

0
191

سکر (رپورٽ) پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي نيب هٿان گرفتاري کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي سکر ۾احتجاج، پيپلز پارٽي جي سڏ تي خورشيد شاهه جي آزادي لاءِ احتجاج ۾ جيالا شريڪ، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نيب 2 سال گذري وڃڻ باوجود خورشيد شاهه مٿان لڳايل الزام ثابت نه ڪري سگهيو آهي، خورشيد شاهه کي سياسي انتقام تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، خورشيد شاهه کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.