ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين ۽ اڳوڻي معاون مزمل اسلم وفاقي سرڪار  پاران  سپر ٽيڪس سميت لاڳو ڪيل سمورن ٽيڪسن کي عوام مٿان  وڌيڪ مهانگائي جو بم  ڪيرائڻ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور اليڪشن ڪرائي وڃي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ڪورونا باوجود اسان ٽيڪس ۾ ٿوري واڌ ڪئي هئي،  عوام تي اضافي ٻوجهه نه وڌو هو، شهباز سرڪار هڪ ڌڪ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 85 رپيا في لٽر واڌ ڪئي آهي، جنهن سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، هاڻي واري صنعتن تي سپر ٽيڪس لڳائڻ سان مهانگائي جو طوفان ايندو، ٻارڻ مهانگو ٿيڻ ۽ ٽيڪسن جي ٻوجهه سبب  فيڪٽريون بند ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، اڳتي هلي ملڪي حالتون سري لنڪا جهڙيون ٿي وينديون، هنن چيو ته مفتاح اسماعيل رڳو خانه پوري واري بجيٽ پيش ڪئي آهي، بجيٽ ۾ ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس پروگرام جو ذڪر ئي ناهي، عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي هئي، شهباز  حڪومت سڀني تي ٽيڪس لڳائي ٿي پر اصل مانگر مڇ ٽيڪس کان بچي ويندا، هن چيو ته جلد پيٽرول  تي ليوي لڳائي عوام کان وڌيڪ 750 ارب وصول ڪيا ويندا، ڪجهھ مهينن ۾ ملڪ اندر مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ وارو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف  اڃا وڌيڪ دٻاءِ وجهندي، جنهن بعد حڪومت ملڪ ۾ اڃا وڌيڪ مهانگائي ڪندي، موجوده حڪومت کي غريب عوام جو ڪو به احساس ناهي.  هنن چيو ته شهباز شريف چوي ٿو ته ٽيڪس لڳائڻ سان غربت گهٽ ٿيندي پر انهن ٽيڪسز سان وڌيڪ مهانگائي ٿيندي، هن چيو ته بينڪن تي 58 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ڪارخانا بند ٿيڻ سان  بيروزگاري ۽ غربت ۾ اضافو ٿيندو، هنن چيو ته ناڪام حڪومت کي ختم ڪري فوري طور اليڪشن ڪرائي وڃي.