اسلام آباد: ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي  ته وزيراعظم جي سستي پيٽرول اسڪيم تحت 2 هزار ماهوار ڏيڻ لاءِ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهن جا فون آيا آهن ان کانسواءِ 80 لک بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ آهن، جن کي جون مهيني ۾ 16 ارب رپيا اضافي ڏنا آهن، غريب ماڻهن تي بار گهٽ ڪري رهيا آهيون، يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو، گيهه، کنڊ سڄو سال سستو فراهم ڪنداسين، اهي شيون رعايتي اگهن تي مستحق ماڻهن کي ملي سگهنديون.