اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي آڊٽ نه ڪرائڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي طلب ڪري ورتو، پي اي سي گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي چيئرمين نعيم بخاري کي فوري عهدي تان هٽائڻ ۽ سڀ مراعتون واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب  پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن ۽ هائوسنگ وزارتن جي آڊٽ رپورٽن تي غور ڪيو ويو، آڊٽ اعتراضن تي غور جي دوران پي اي سي جي چيئرمين معلوم ڪيو ته گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جو سربراهه ڪير آهي؟، جنهن تي سيڪريٽري آءِ پي سي جواب ڏنوته گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جو انتظامي آفيسر سپريم ڪورٽ مقرر ڪيو آهي، نعيم بخاري کي ايڊمنسٽريٽر گن اينڊ ڪنٽري ڪلب مقرر ڪيو ويو هو، سيڪريٽري آءِ پي سي چيو ته نعيم بخاري ون مين شو طور تي ڪم ڪري رهيو آهي، پي اي سي چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ کي ڪهڙو اختيار آهي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري، شيخ روحيل اصغر چيو ته سپريم ۾ بادشاهه سلامت ويٺا آهن جيڪو مرضي وڻين ڪن، پي اي سي گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي سپريم ڪورٽ پاران مقرر ڪيل ايڊمنسٽريٽر کي فوري هٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، نور عالم خان هدايت ڪئي ته نعيم بخاري کان گاڏي، فيول ڪارڊ ۽ ٻين مراعتون واپس ورتيون وڃن، نور عالم خان چيو ته گذريل 9 سالن کان اهو ايڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي، آڊٽ به نه ڪرائي پئي وڃي،پي اي سي ايف آءِ اي ۽ نيب اختيارين کي انڪوائري لاءِ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پي اي سي ڪلب جو مالياتي رڪارڊ حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پي اي سي 10 سالن کان آڊٽ نه ڪرائڻ تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي عيد کان پوءِ طلب ڪري ورتو، سي ڊي اي چيئرمين نور الامين مينگل به اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، نور عالم خان چيو ته پي اي سي سي ڊي اي کان ججن، پارليامينٽ جي ميمبرن، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، قومي اسيمبلي، سينيٽ اسٽاف کي مليل پلاٽن جا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا، پي اي سي پلاٽن جا تفصيل نه موڪلڻ تي سي ڊي اي چيئرمين کي ڇنڊ پٽي، نور عالم خان چيو ته پي اي سي ون ڪانسٽيٽيوشن اپارٽمينٽ جي مالڪن جي فهرست ۽ مني ٽريل گهري هئي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي بيورو ڪريٽ، ججز، جنرلز ۽ سياستدانن ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو ۾ اپارٽمينٽ خريد ڪيا، اهو به ٻڌايو ته انهن وٽ اپارٽمينٽ خريد ڪرڻ لاءِ پيسا ڪٿان آيا؟.