اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بينڪ پنجاب ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ فنڊن جي فراهمي جي حوالي سان رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن پنهنجي جواب ۾ چيو ته 14 مئي تي پنجاب چونڊ نه ٿيندي، آڪٽوبر کان اڳ چونڊن سان انتشار پيدا ٿيندو، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مرحلن بدران چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ کي مناسب قرار ڏيندي چيو ته هڪ تڪ ۾ هارائيندڙ جماعت ٻئي مرحلي ۾ ٻئي تڪ ۾ تشدد اختيار ڪري سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته چونڊن لاءِ فنڊ نه ملي سگهيا ۽ اسٽيٽ بينڪ رقم منتقل ناهي ڪئي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي جواب ۾ چيو ته چونڊن لاءِ فنڊ، فورس جي عدم فراهمي سبب 14 مئي تي چونڊون ناممڪن ٿينديون پيون وڃن. پنجاب ۾ سيڪيورٽي لاءِ 4 لک 66 هزار اهلڪار گھرجن، پاڪ فوج، ايف سي، رينجرز لاءِ وفاقي کي خط لکيو، جواب نه ڏنو ويو. بيلٽ پيپرز جي ڇپائي لاءِ رقم جي ادائگي جي اڄ آخري تاريخ هئي.  تصويرن واري چونڊ لسٽن جي ڇپائي پهرين ئي رولڙي جو شڪار آهي، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي 8 آڪٽوبر جي تاريخ چونڊن لاءِ مناسب آهي، جيڪڏهن 8 آڪٽوبر تي عمل نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ انارڪي پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هوڏانهن اسٽيٽ بئنڪ به پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ رقم جي منتقلي نه ٿيڻ جا سبب شامل آهن. ناڻي واري وزارت پڻ فنڊن بابت رپورٽ اٽارني جنرل آفيس ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ وفاقي ڪابينا جي فيصلي ۽ پارليامينٽ کي معاملو موڪلڻ، عدالتي حڪم تي اسٽيٽ بئنڪ کي فراهم ڪيل مدد جا تفصيل به شامل آهن، ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ فنڊن جي منتقلي تي قانوني پهلوئن کي به اجاڳر ڪيو ويو آهي. سڀئي رپورٽون سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي آفيس ۾ جمع ڪرايون ويون، جيڪي ججن کي چيمبرز ۾ موڪليون وينديون. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ رقم منتقل ڪرڻ جي حڪم تي عملدرآمد رپورٽون اڄ طلب ڪيون هيون.