ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي 8 ضلعن مان کنڊ، ڪڻڪ، اٽو ۽ يوريا ڀاڻ افغانستان ڏانهن اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف، چيف سيڪريٽري پاران لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ سرحدي دنگن تي چيڪنگ وارو عمل سخت ڪري روزانو جي بنياد تي رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ مختلف وقتن تي کنڊ، اٽي، ڪڻڪ ۽ يوريا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿيڻ واري معاملي جو مُک ڪارڻ سامهون اچي ويو آهي، ڪالهه سرڪاري سطح تي اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي ڊويزن جي 3 ضلعن ڪياماڙي، ملير ۽  اولهه، جيڪب آباد، ڪشمور، قمبر، دادو ۽ ڄامشوري مان ڪڻڪ، يوريا ڀاڻ، اٽو ۽ کنڊ وڏي پيماني تي بلوچستان رستي افغانستان اسمگل ٿي رهي آهي، وفاقي حڪومت جي هدايتن تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ڄاڻايل 8 ئي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ڄاڻايل ضلعن جي دنگن تي لاڳاپيل فورسز جون چيڪ پوسٽون قائم ڪري اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، خط ۾ چيف سيڪريٽري پاران اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته خوراڪ، پوليس ۽ ايڪسائيز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جون ضلعي سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪري نه رڳو اسمگلنگ کي روڪيو وڃي پر روزاني بنيادن تي اسمگلرن خلاف ڪاررواين جون رپورٽون پيش ڪيون وڃن،ٻئي طرف سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران صوبي جي 30 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي اٽو، کنڊ، يوريا ڀاڻ سميت کاڌي پيتي جي شين جو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪئي وئي آهي