سيوهڻ ۾ واحد فلٽر پلانٽ به خراب، شهري پاڻي ڍُڪ لاءِ پريشان

0
368

سيوھڻ(ن پ ا) پبلڪ هليٿ کاتي جي نااهلي ۽ بااثر ٺيڪيدار غائب ھئڻ سبب 6 فلٽر پلانٽز مان واحد ھلندڙ فلٽر پلانٽ به گذريل 3 مھينن کان خراب هجڻ ڪري شهري زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي ۽ بااثر پاڪستان ڪمپني جي ٺيڪيدار عامر علي جي غائب ھئڻ سبب شھر جي 6 فلٽر پلانٽن مان ھلندڙ واحد فلٽر پلانٽ به ناڪاره ٿي ويو، جنهن سبب شھري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آھن ۽ ي پئسن عيوض پيئڻ جو صاف پاڻي خريد ڪرڻ لڳا، شھر جي سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ مرتضيٰ ملاح، محبوب چانڊيو ۽ ٻين چيو آهي ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شھر ۾ واحد فلٽر پلانٽ خراب ٿي ويو آهي پر تنهن هوندي به پبلڪ هليٿ کاتي جا عملدار ۽ ھڪ ڪمپني جو بااثر ٺيڪيدار عامر غائب آھي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي شھر اندر آفيس پڻ موجود ناهي، شھرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پبلڪ ھيلٿ جي اعلئ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور فلٽر پلانٽ بحال ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري شھرين مان بيچيني ختم ڪري کين پيٽ جي مختلف بيمارين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.