سيوھڻ (ن پ ا)  سيوھڻ جي ٽول پلازه وٽ لاڙڪاڻي کان  ڪراچي طرف ويندڙ مسافر ڪوچ جو  موٽر سائيڪل کي پٺيان زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ يوسي آراضي جي شھر جي صحت مرڪز جو ميڊيڪل آفيسر ڪرمپور واسي ڊاڪٽر عبدالقيوم اوٺو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. فوتي آفيسر جو لاش سيوھڻ جي سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جڏھن ته واقعي بعد وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا بعد ۾ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته فوتي ڊاڪٽر جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ ڪرمپور پھچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بعد موٽر سائيڪل تي واپس پنهنجي ڳوٺ ڪرمپور اچي رھيو ته ھو ته سان  سان اھڙو حادثو پيش آيو. ھوڏانھن پوليس موجب ته واقعي واري ھنڌ تي پھچي ڪوچ کي پنهنجي تحويل ورتو آھي جڏھن ته ڊرائيور موقعي تان ئي فرار ٿي ويو آهي ۽ حادثي جي وڌيڪ جاچ جاري آھي.