سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) ڳوٺ حيدر چانڊيو ۾ نديم نوناري جي گھر اندر وڻ وڍڻ دوران بجلي جو پول نينگري شمائلا ڌيءُ نديم نوناري ۽ معصوم نينگري سونيا ڌيءُ نثار نوناري مٿان ڪري پيو، شمائلا ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سونيا نوناري زخمي ٿي پئي، جنهن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾داخل ڪيو ويو،واقعي گھر ۾ڪھرام مچي ويو،گھر ۾ بيٺل وڻ واپارين کي وڪرو ڪيو ويو ھو، جيڪو وڍڻ دوران بجلي تارن مٿان ڪرڻ سبب پول اڌ مان ٽٽي نينگرين مٿان ڪري پيو، جنھن ۾ هڪ فوت ۽ ٻئي زخمي ٿي پئي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نينگري جي وارثن کان تفصيل ورتا پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي رپورٽ ۾ فوتي نينگري جي والد وڻ وڪرو ڪيو هو واپاري وڻ وڍي رهيا هئا ته وڻ بجلي جي پول مٿان ڪريو ته جيڪو نيگرين مٿان ڪري پيو ھڪ نينگري فوت ٿي وئي آهي ٻئي زخمي آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا.