اسلام آباد: سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ذريعن ٻڌايو آهي ته آئين تحت پارلياماني  پروسيڊنگ کي ڪنهن به عدالت ۾ چيلينج نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڪري سينيٽ جي پارلياماني مامرن بابت ڪاميٽي جي اجلاس جي ڪارروائي جي رڪارڊنگ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي فراهم ڪرڻ سينيٽ سيڪريٽريٽ لاءِ مشڪل عمل هوندو، پر ان باوجود سينيٽ سيڪريٽريٽ کي سينيٽ چيئرمين پاران هدايت ڪئي وئي ته ان صورت ۾ ڪاميٽي جي اجلاس جي رڪارڊنگ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي ملي سگهي ٿي.