سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني لاڏاڻو ڪري ويو

0
309
سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني
سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني لاڏاڻو ڪري ويو

سينيئر ڪشمير حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب 92 سالن جي ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني اڄ  شام سري نگر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ان جي لاڏاڻي جي تصديق خاندان جي ھڪ فرد ڪئي آھي جڏھن تھ ھن کي ڪيترن ئي سالن کان ڀارتي فوج گھر ۾ نظربند ڪري رکيو ھو.

سيد علي گيلاني 29 سيپٽمبر1929ع تي پيدا ٿيو. ھو جماعت اسلامي والاريل ڪشمير جو اڳواڻ بھ رھيو، بعد ۾ سيد علي گيلاني تحريڪ حريت جي نالي سان پنھنجي پارٽي ٺاھي، اھو آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جو چيئرمين بھ رھيو.

سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبھ مفتي تعزيت جو اظھار ڪيو ۽ چيو تھ سيد علي گيلاني ھميشھ اپنھنجي اصولن تي بيٺو رھيو، اختلافن جي باوجود سيد علي گيلاني جي ھميشھ عزت ڪئي.

وزيراعظم عمران خان پاران سيد علي گيلاني جَي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، اڄ ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي سوڳ ملهائڻ جو اعلان، قومي جهنڊو جُهڪيل رهندو.