دادو (رپورٽر) شھيد مير مرتضىٰ  ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو دادو لڳ مرحوم علي احمد پليپوٽو جي پئٽرول شھيد مخدوم بلاول پئٽرول پمپ  تي پھچي پنهنجون ۽ پنهنجي  ڀيڻ فاطمه ڀٽو جون تصويرون ۽ پينا فليڪس لاھي ڇڏيا. هن چيو ته مونکي پنهنجي ڀيڻ فاطمه ڀثو ۽ پارٽي ورڪرن عھديدارن لاء دلي عزت آهي پراسان ٻئي ڀاءُ ڀيڻ في الحال سياست ۾ ناھيون، ان ڪري پارٽي قيادت صرف منهنجي امڙ پ پ پ ش ڀ چيئرپرسن  محترمه غنوىٰ ڀٽو جي آهي. ھن وڌيڪ پيغام ڏنو ته اسانجي خاندان ۾ ڪي به اھڙا اختلاف ڪونه آهن ڪير به اختلاف وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ اھڙا بينا فليڪس ۽ تڪراري بيان نه ڏي. جونيئر ذوالفقار ڀٽو جو اھڙو آڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو،  ان موقعي تي پ پ پ ش ڀ ضلعي دادو جا عھديدار ورڪر وڏي انگ  پئٽرول تي پھچي ويا.