اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر اعواڻ چيو آهي ته ٻئي شادي اهي ڪندا آهن جيڪي پهرين مان تنگ هجن، اسان جي گهر ۾ سڪون آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته اسان جي ڏاڏي، ناني، (ديسان دا راجا) ڳائينديون هيون، مريم ڳايو ته ڇا ٿي پيو. پنهنجي گهر واري مريم نواز کي بهترين اڳواڻ قرار ڏيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته اڳواڻ اڳواڻ هوندو آهي. اڳواڻ گيت به ڳائيندو آهي ۽ ترانا به پڙهندو آهي، اڳواڻ گانو ڳارائيندو به آهي ۽ ننگو ناچ به نچرائيندو آهي. هن چيو ته پٽ جي شادي تي آئون ڳائيندس ۽ جيتري ٿوري گهڻي ڊانس سکيو آهيان، اها ڊانس به ڪندس، آئون 4 سالن کان پاڪستان جي آئين جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ووٽ کي عزت ڏيو، اهو گانو پٽ جي شادي ۾ به هلندو. ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته شادي جو سادو پروگرام رکيو آهي. ان ۾ صرف ويجها مائٽ ئي شرڪت ڪندا، شادي تي ون ڊش رکنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ ليگي اڳواڻ چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول شادي تي نه به آيا ته ڪا ڳالهه ناهي. آصف زرداري اسان جي دل ۾ آهي، جڏهن ته بلاول مون کي شادي ۾ نه به گهرايو تڏهن به مان سندس شادي ۾ شرڪت ڪندس، ڇو ته ڪراچي ۾ پوليس مون کي گرفتار نه ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي پٽ جنيد صفدر جي وليمي جي تقريب 17 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٿيندي جنهن جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ ان حوالي سان مريم نواز ۽ حمزه شهباز جي گاني ڳائڻ جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج اعجاز افضل جي ڀاءُ جي وچ ۾ زميني تڪرار وارو ڪيس ايبٽ آباد جي سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل عدالت کي جلد فيصلو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ اڳوڻي جسٽس اعجاز افضل خان جي ڀاءُ جي وچ ۾ زميني تڪرار وارو ڪيس منتقل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته مانسهره جي جج جي عدالت ٻاهران هڪ هزار ماڻهن جو ميڙ گڏ ڪري جج کان دٻاءُ ۾ فيصلو وٺڻ مناسب ڳالهه آهي؟ اسان جي معاشري ۾ ماڻهو انصاف جو نظام پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، منڊي بهاءُ الدين ۾ جج سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو ان بابت سڀني کي خبر آهي جيڪڏهن اهڙن واقعن تي عدالت ايڪشن کڻندي ته پوءِ رياست جي ڪهڙي ذميواري رهندي، عدالت قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ جي ذميوار آهي، ڪيپٽن (ر) صفدر جي وڪيل عدالت آڏو درخواست ڪئي ته اسان چاهيون ٿا ته مانسهره کان علاوه ٻئي ڪنهن به شهر ۾ ڪيس منتقل ڪيو وڃي، عدالت زميني تڪرار وارو ڪيس مانسهره جي عدالت مان ايبٽ آباد جي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.