ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ کير جو اگهه 120 رپيا في لٽر مقرر، ڪمشنر پاران کير جي اگهن ۽ ڊيري فارمرز جي خرچن جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽي جي سفارش تي اگهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نئين اگهه موجب ڊيري فارمر کير جو في لٽر 105 رپيا ۽ هول سيلرز في لٽر 110 رپيا وڪرو ڪرڻ جا پابند هوندا، جڏهن ته ريزڪي اگهه 120 رپيا في لٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شاڪر گجر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪمشنر ڪراچي ڊيري فارمرز کان تجويزون وٺڻ بنا اگهه مقرر ڪيا آهن، اسانکي اهي اگھه قبول ناهن.