لاهور  م ڊ): سينئر سياستدان جهانگير خان ترين چيو آهي ته سڄي زندگي پاڪستان ۾ گذاري، سوچي به نٿي سگهياسين ته جناح هائوس تي اهڙو ڪجهه ٿيندو. قومي اثاثي سان جنهن به اهڙو ڪجهه ڪيو انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچڻ گهرجي. ذوالفقار علي ڀٽو کي سزا ملي، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، نوازشريف ۽ مريم نواز گرفتار ڪيو ويو پر  ڪنهن به پارٽي جي ڪارڪن يا اڳواڻ ڪڏهن به ائين نه سوچيو ۽ نه ئي وري ڪيو. عمران خان سان 2 سال اڳ دوستي ختم ٿي وئي هئي. عمران خان جي پراڻي ساٿي ۽ سينئر سياستدان جهانگير خان ترين لاهور ۾ جناح هائوس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري، فيصل حيات جيوانه ۽ اسحاق خاڪواني به موجود هئا. جناح هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جهانگير خان ترين چيو ته تشدد جي سياست تي پابندي هجڻ گهرجي. اسان جناح هائوس جو دورو ڪيو ۽ ڏٺو ته هتي ڇا ڪيو ويو. افسوس کان وڌيڪ ڏک آهي جنهن جناح هائوس جو اهڙو حال ڪيو انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان 10 سال گذاريا. ايترو وقت ان لاءِ ڏنو ته ملڪ کي بهتر بنائي سگهجي. جيتري جدوجهد ڪئي ان دوران ڪوبه تشدد جو واقعو پيش نه آيو. جهانگير ترين واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ائين ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب تي ته ڇا اوهان نئين پارٽي جو بنياد وجهي رهيا آهيو؟  جنهن تي جهانگير ترين مسڪرائيندي چيو ته سياسي ڳالهيون ڪرڻ جو موقعو ناهي. تحريڪ انصاف تي پابندي جي حوالي سان هن چيو ته ان تي نه ڳالهائيندس.