لاهور (م ڊ): پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي گهرواري حبا چوڌري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي، هڪ بيان ۾ حبا چوڌري پي ٽي آءِ چيئرمين کي ميار ڏني آهي ته عمران خان، اوهان فواد چوڌري، مليڪه بخاري، جمشيد چيمه ۽ مسرت چيما جا نالا وٺڻ وساري ڇڏيا؟ ان کان اڳ عمران خان هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري اسد عمر جا نالا لکي انهن جي گرفتارين کي غير قانوني قرار ڏيندي مذمت ڪئي هئي، ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري کي آزاد ڪرڻ ۽ پوءِ بعد ۾ ڪنهن بعد ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.