ڪراچي(ڪامرس رپورٽ)سون 1000 رپيا سستو: ڊالر222.5 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾سون 1000 رپيا سستو ٿيڻ بعد 148100 مان 147100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ م سون 8 ڊالر واڌ سان 1676 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1580 مان 1570 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن ڊالر 222.5 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته پائونڊ 8.5 رپيا واڌ سان 244.5 مان 253 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 5 رپيا واڌ سان 214 مان 219رپين تي پهتو