سوشل ميڊيا تي ننڍي قد جي ڳئون ”راڻيءَ“ جا چرچا!

0
627

ڪراقچي (م.ڊ) اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ ننڍي قد جي ڳئون جون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي. بنگلاديش جي گادي واري هنڌ ڍاڪا کان 30 ڪلوميٽر پري چڙي رام جي هڪ فارم تي موجود ڳئون ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، پري پري کان ماڻهو صرف هن انوکي ڳئون کي ڏسڻ لاءِ اچن پيا جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪيون آهن. راڻي نالي هن ننڍي قد جي ڳئون جي مالڪ جي دعويٰ آهي ته اها دنيا جي سڀ کان ننڍي قد جي ڳئون آهي جيڪا 20 انچ (51 سينٽي ميٽر) قد ۽ 23 مهينن جي آهي. راڻيءَ جي ڊيگهه 26 انچ ۽ ۽ وزن 26 ڪلوگرام آهي. هن بوني ڳئون جي مالڪ جو چوڻ آهي ته راڻي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ درج ٿيل دنيا جي سڀ کان ننڍي قد واري ڳئون کان به 10 سينٽي ميٽر ننڍي آهي. هن وقت دنيا جي ننڍي ڳئون هجڻ جو اعزاز هندستان جي رياست ڪيرالا ۾ هڪ ڳئون وٽ آهي جنهن جو قد 61 سينٽي ميٽر آهي ، جڏهن ته ڳئون جو سراسري قد 150 سينٽي ميٽر هوندو آهي.