اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي تي تشدد خلاف خط تي سينيٽر شهزاد وسيم کي اڄ طلب ڪيو آهي، سينيٽر شهزاد وسيم کي خط تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. شهزاد وسيم سوڌو پي ٽي آءِ جي سينيٽرن 17 آڪٽوبر تي چيف جسٽس کي خط لکيو هو ۽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪئي هئي.