سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڪورونا ۾ گهٽتائي ٿي آهي: وڏو وزير

0
653
وفاقي حڪومت ڊرٽي گيم نه کيڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته لاڪ ڊائون جي ڪورونا ۾ گهٽتائي آهي، سنڌ ۾ جڏهن لاڪ ڊائون لڳايو ته ڪورونا 13 سيڪڙو هو، اڄ 9.4 سيڪڙو آهي، ڪورونا کي ڪنٽرول عوام صرف احتياط سان ڪري سگهي ٿو، وڏي وزير اهڙيون ڳالهيون گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد الزابي سان ملاقات دوران ڪيون، وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وڏي وزير پاران سيڙپڪارن کي هر طرح جون سهولتون ڏيڻ جون خاطري به ڪرايون.