لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني لاڙڪاڻي پهچي آرتي عرف عائشه جي پيءُ ڊاڪٽر نامون مل، ڊاڪٽر ڪلپنا ديوي، ڊاڪٽر ديالي گل، وشال ڪمار، سنتوش ڪمار سميت ٻين سان ملاقات ڪئي، کيئل داس ڪوهستاني آرتي جي پيءُ کان عدالت ۾ هلندڙ ڪيس بابت تفصيل معلوم ڪندي کيس هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرتي کي زبردستي غائب ڪري بعد ۾ عدالت ۾ پيش ڪري چيو ويو ته هن مذهب تبديل ڪري شادي ڪئي آهي، هن چيو ته مون ٻه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي ٿيل اجلاس ۾ ان معاملي بابت آواز اٿاريو هو. هن چيو ته خاص طور سنڌ ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪري شاديون ٿي رهيون آهن، هڪ ڇوڪري جي گهر مان نڪرڻ سان ان جو سمورو گهر ۽ ڪاروبار تباهه ٿي ويندو آهي ۽ ان جا گهر ڀاتي پيءُ، امڙ ۽ ڀاءُ اذيت ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، هن جو چوڻ هو ته رڳو سنڌ ۾ مسلسل 13 سالن کان اهڙي قسم جا واقعا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن ڪير اسلام قبول ڪري ٿو ته ڪنهن کي ڪو به اعتراض نه هوندو پر سڀ کان پهريان ان جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته رياست ۾ سڀ برابر جا شهري آهيون پر اسان کي اقليت جي نظر سان ڏسي ان ئي طريقي سان ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آرتي واري معاملي تي پوري هندو برادري ۾ ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. هن چيو ته اسين ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت مٿان الزام نه ٿا لڳايون پر پوليس جي نظام ۾ هندو برادري کي ڪو به تحفظ حاصل ناهي. هن چيو ته هن ڌرتي لاءِ اسان جي وڏڙن جون قربانيون آهن، اسين پنهنجي ڌرتي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين، هن چيو ته پيرجوڳوٺ ۾ مندر جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري ماڻهن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، ڇا هتي جنگل جو قانون آهي.