سنڌ ۾ اڄ کان تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جا امڪان

0
315

مون سون هوائون سنڌ کي متاثر ڪري رهيون آهن، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 24 جولاءِ تائين تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات جا امڪان آهن

موسميات کاتي جي اڳڪٿي، موسميات کاتي جو  چوڻ آهي ته ڪراچي شهر ۾ اڄ رات تيز هوا ۽ گجگوڙ  سان برسات جا امڪان آهن

ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به وسڪارن جا امڪان آهن

خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ  ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي

دادو، ڄامشورو، ڪشمور، گهوٽڪي، نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد ۽ مٽياري ۾ به وسڪارن جا امڪان آهن

حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊومحمد خان، ٽنڊوالهيار، بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ 24جولاءِ تائين تيز هوا سان برسات جا امڪان آهن